سنڌ پوليس جو مزاج نيب جيان ۽ آئي جي ٿرڊ پارٽي بڻجي ويو آهي: سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني ميڊيا تي هلندڙ پوليس رپورٽ رد ڪندي چيو آهي ته مون تي ۽ منهنجي ڀاءُ تي منشيات وڪرو ڪندڙن جي پٺڀرائي جهڙو مڪروھ الزام بي بنياد آهي مان دعوا ڪريان ٿو ته پنهنجي حلقي جي ڪنهن به ماڻهو جي پوليس کان آئي جي تائين ڪنهن جي به سفارش ڪئي هجي ته مان قصوروار هوندس مان وزير اعليٰ سنڌ کي درخواست ڪريان ٿو ته ڪنهن به سٺي شهرت رکندڙ پوليس آفيسر کان جاچ ڪرائي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي رهائشگاھ تي هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ساڻس راشد رباني ۽ وقار مهدي به موجود هو. سعيد غني چيو ته اسان ڪنهن کان به ڊڄڻ وارا ناهيون جيڪڏهن ڊڄڻ وارو هجون هان ته انهن خلاف نه ڳالهايون ها. منهنجي ذات تي لڳايل الزامن تي لازمي آهي ته مان ان جي وضاحت ڪريان. هن وڌيڪ چيو ته لڳي ٿو ته ماڻهون پوليس تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهين. دعا منگي جي ڪيس ۾ به دعا منگي جي گھروارا پوليس سان ڳالھ ڪرڻ لاءِ به تيار نه هئا جنهن تي وزير اعليٰ ان فيملي سان ملي کين راضي ڪيو. هن چيو ته پوليس جا چند آفيسر جنهن انداز سان ڪم ڪري رهيا آهن کين اهڙي ريت ڪم نه ڪرڻ گھرجي هن وقت پوليس آفيسر خبرون هلائي رهيا آهن پوليس آفيسر وڪيلن ۽ اپوزيشن سان ملي رهيا آهن ۽ هن وقت پوليس سياسي پارٽي بڻيل آهي ۽ آئي جي ٿرڊ پارٽي بڻجي ويو آهي. اهڙن ريون سان نه نوڪريون ٿي سگھن ٿيون نه ئي سندن ڪئرير بڻجي سگھي ٿو. ٻه چار آفيسرن جو گروپ آهي جيڪو اهڙي قسم جا ڪم ڪري رهيو آهي جنهن جو فقط هڪ ئي ڪارڻ آهي ته سنڌ ماٽيلو صوبو بڻيل آهي. پنجاب ۾ چيو ويندو آهي ته بهترين آفيسر لڳايو ويو آهي پر ان کي به ٽن چئن مهينن کان پوءِ ڪڌيو ويندو آهي. سعيد غني چيو ته 2018 ۾ هڪ انگريزي اخبار ۾ هڪ رپورٽ ڇپي هئي جنهن ۾ چنيسر ڳوٺ جي سياستدانن تي منشيات وڪرو ڪندڙن جي پٺڀرائي جو الزام لڳايو ويو هو جنهن تي مون ان وقت جي آئي جي سنڌ اي ڊي خواجه کي خط لکيو هو ته حقيقتون ڇا آهن ۽ ملوث ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي پر ان وقت جي لکيل خط جو جواب اڄ تائين ناهي مليو. هن چيو ته منهنجي ننڍي ڀاءُ فرحان غني کي گھرائي چيو ويو ته پوليس چوڪي تي فرنيچر وٺي ڏئي ۽ مخبري ڪري پر منهنجي ڀاءُ اها گھر رد ڪري ڇڏي ان وقت ڏوهارين جي شڪايت ڊي آئي جي سلطان خواجه کي ڪئي وئي ان وقت سهيل انور سيال گھرو وزير هو شڪايت تي ڪارروائي ڪئي وئي پر هڪ گنھگار ۽ ڏھ بيگناھ ماڻهن کي کنڀيو ويو ته جيئن سياسي پريشر وڌي ۽ ڊاڪٽر رضوان انهن ماڻهن کي به کنڀيو جيڪي ڏوھ ڇڏي چڪا هئا. ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي عهديدار فيصل لودهي جي گھر تي به ڇاپا هنيا ويا ان وقت پي پي پي جي ضلعي صدر اقبال ساند ڊاڪٽر رضوان سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن کيس گرفتار ڪرڻو آهي ته هو پيش آهي باقي گھرن تي ڇاپا ڇو ٿا هنيا وڃن؟ ان وقت ڊاڪٽر رضوان هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ۽ ان جو ماورا عدالت قتل ڪيو ان وقت جي قتل کان پهرين ان جي رڪارڊنگ به ڪئي وئي ۽ ريڪارڊنگ اقبال ساند کي ٻڌائي وئي مون ان وقتي جي آئي جي اي ڊي خواجه کي حقيقتون ٻڌايون ويون جنهن تي اي ڊي خواجه ڊاڪٽر رضوان کي فون ڪيو ۽ چيو ته پٽ اوهان نوان آهيو ۽ هي ڇا پيا ڪيو؟ سعيد غني وڌيڪ چيو ته ميڊيا تي هلندڙ ان رپورٽ ۾ ڪجھ ڏوهارين جا نالا به آهن ۽ آئي جي سنڌ کي هٽائڻ جي فيصلي کان پوءِ اها رپورٽ بڻائي وئي. امتياز شيخ جي خلاف به رپورٽ 16 جنوري تي بڻيل لڳي رهي آهي. جڏهن ته ان ۾ 13 تاريخ لکي وئي آهي. سعيد غني چيو ته مون کي معلوم آهي ته ڊاڪٽر رضوان سان هڪ ٽيم آهي جنهن جي ذريعي سمورا ٻه نمبر ڪم ڪرايا ويندا آهن. ان ڪري منهنجو مطالبو آهي ته جتي جتي ڊاڪٽر رضوان مقرر رهيو آهي اُتان جي جاچ ڪرائي وڃي ته جيئن خبر پئي ته اتي هن ڪهڙا ڪارناما ڪيا آهن. ڊاڪٽر رضوان ۽ منهنجي اثاثن جي جاچ ڪرائي وڃي ته سموري حقيقت سامهون اچي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته چونڊن جي دوران منهنجي حامين کي بيگناھ گرفتار ڪيو ويو هن چيو ته ڊاڪٽر رضوان هڪ سال منهنجي حلقي ۾ مقرر رهيو مان پنهنجي حلقي ۾ ڪنهن به آفيسر کي ناهيان سڃاڻيندو ۽ ايس ايڇ او جي به خبر ناهي مون ته آفيسرن جي لسٽ به هاڻي گھرائي آهي. اهڙي آفيسرن جي جاچ ۽ ويري فڪيشن هجڻ گھرجي مان اهڙن ماڻهن کي ڇڏيندو ناهيان چاهي ان لاءِ عدالت وڃڻو پوي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *