سنڌ پوليس جا اعليٰ آفيسر ڏوهاري آهن، رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش

ڪراچي (اين اين آءِ)  سپريم ڪورٽ رجسٽري ڏوهن ۾ملوث پوليس جي ڪارين رڍن خلاف ڪارروائي لاءِ حڪومت کي 2 هفتن جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، جسٽس گلزار ريمارڪس ۾ چيو ته سيڪريٽري صاحب انصاف ڪريو، سڀني سان هڪجهڙو ورتا ڪيو، اعليٰ آفيسرن کي معاف نٿو ڪري سگهجي، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري جي اڳيان ڏوهن ۾ ملوث پوليس جي ڪارين رڍن خلاف ڪارروائي بابت ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي گهرو سيڪريٽري سنڌ پوليس جي ڪارين رڍن خلاف ڪارروائي جي رپورٽ پيش ڪئي، عدالت وفاق کان اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي سميت ٻين اعليٰ آفيسرن خلاف ڪارروائي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي، ان تي گهرو سيڪريٽري چيو ته گريڊ 17 جي 35 آفيسرن جو معاملو سروسز کاتي وٽ آهي، گريڊ 18 جي آفيسرن خلاف گهرو وزير ڪارروائي جو مجاز آهي، جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته گهرو وزير ڪيئن ڪارروائي ڪندو، هو ته پسند ناپسند جو بنياد ڪندو، متاثر اهلڪار جي وڪيل چيو ته اعليٰ پوليس اهلڪارن جي خلاف ڪاروائي نه پئي ٿئي، جسٽس سجاد علي شاهه ريمارڪس ۾ چيو ته اوهان کي خبر نه آهي جو اعليٰ آفيسرن جو معاملو سياستندان وٽ آهي، وزير ڪيئن ڪم ڪري ٿو، سڀني کي خبر آهي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته پوليس آفيسرن خلاف الزامن جو تفصيل ڪٿي آهي، جسٽس گلزار چيو ته ڪنهن کي عوام جي خدمت ۾ دلچسپي نه آهي، هر هڪ پنهنجي لاءِ سوچي رهيو آهي، عدالت گهرو سيڪريٽري کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته اوهان ماڻهو مٿان کان هيٺ لهي اچو اوهان عوام جا خادم آهيو، پبلڪ ماسٽر نه بڻجو، جسٽس گلزار ريمارڪس ۾ چيو ته آءِ جي صاحب اوهانکي اندازو آهي ڪيتري گڙٻڙ آهي، ڪيترو امتيازي ورتا ٿي رهيو آهي، ڪير پڇڻ وارو نه آهي، آءِ جي چيو ته اعليٰ آفيسرن خلاف ڪارروائي لاءِ سفارشون موڪلي ڇڏيون آهن، عدالت چيو ته هتي ايڏيون وڏيون غلطيون آهن، پوليس جي سڄي کاتي کي مستفي ٿيڻ گهرجي، عدالت ريمارڪس ڏنا ته سيڪريٽري صاحب انصاف ڪريو، سڀني سان هڪجهڙو ورتاءُ ڪريو، اعليٰ آفيسرن کي معاف نٿو ڪري سهگجي، عدالت حڪومت کي ڪارين رڍن خلاف ڪارروائي لاءِ 2 هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي، صوبائي حڪومت سان لاڳاپيل پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ۽ الزامن جا تفصي طلب ڪيا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *