سنڌ هڪ آهي ۽ رهندي، اندورن ۽ بيرون سنڌ نه آهي، وڏي وزير جي تقرير تي اپوزيشن جو احتجاج، واڪ آئوٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ ئي رهندي واري ڳالهه ڪرڻ تي مخالف ڌُر طرفان سنڌ اسيمبلي ۾ احتجاج ڪيو ويو، اپوزيشن ميمبرز واڪ آئوٽ ڪري ويا. اسپيڪر آغا سراج دُراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس 2 ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو. اجلاس ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه اپوزيشن ميمبرز تي تنقيد ڪئي. وڏي وزير چيو ته ڪابه اندرونِ ۽ بيرونِ سنڌ ناهي، سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ ئي رهندي، ڪراچي به سنڌ جو حصو آهي. وڏي وزير جي تقرير دوران پي ٽي آءِ سوڌو اپوزيشن ميمبرز احتجاج بعد واڪ آئوٽ ڪيو. متحده ايم پي ايز علامتي واڪ آئوٽ ڪري واپس موٽيا، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي ايم پي ايز واڪ آئوٽ ختم نه ڪيو. اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي جي ڳالهه تي اعتراض واريو، وڏي وزير مراد علي شاهه جواب ۾ چيو ته ڀلي واڪ آئوٽ ڪن، آئون سنڌ جي حوالي سان ڳالهه ڪندو رهندس، اسان لاءِ پهرين سنڌ آهي، پوءِ ٻيا. وڏي وزير جي تقرير دوران اپوزيشن ميمبرز ڊيسڪون وڄائي گوڙ ڪندا رهيا. وڏي وزير چيو ته اپوزيشن وارا جڏهن پنهنجي واري تي ڳالهائيندا آهن ته اسان رُخنو نه وجهندا آهيون، پر مخالف ڌُر وارا هر ڀيري گوڙ ڪندا آهن. عوام کين ڏسي رهيو آهي.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آبپاشي کاتي کي ھدايت ڪئي آھي تھ اھي ڪمانڊز ايريا جي سمورن ٽنھي بيراجن ۽ 14 ڪينالن ۾ پاڻيءَ جي منصفاڻي ورھاست کي يقيني بڻائي جڏھن تھ ڪوٽڙيءَ جي ڪمانڊ ايرياز ۾ مناسب پاڻي فراھم ڪيو وڃي جتي خريف جي ابتدائي فصل جي پوکي ڪئي وئي آھي. ھن اھڙيون ھدايتون پاڻيءَ جي منصفاڻي ورھاست خاص طور تي بدين، سجاول ۽ ٺٽي جي پوڇڙيءَ وارن علائقن جي سلسلي ۾ رٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. اجلاس ۾ آبپاشي وارو وزير سيد ناصر شاھھ، زراعت وارو وزير اسماعيل راھو، سنڌ اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري، وڏي وزير جو اسپيشل اسسٽنٽ (آبپاشي) اشفاق ميمڻ، اسپيشل سيڪريٽري آبپاشي اسلم انصاري، بدين، سجاول ۽ ٺٽي جي چونڊيل نمائندن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو تھ اپريل ۽ مئي دوران 12000 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويندو آھي جيڪو ڪپھھ جي پوکيءَ کي ڏسندي روھڙي ڪئنال ۽ نارا ڪئنال کي فراھم ڪيو ويندو آھي. ھن چيو تھ ڪپھھ جي پوکيءَ جو ھدف 90 سيڪڙو حاصل ڪيو ويو آھي. مراد علي شاھھ چيو تھ سندس فيصلو ڪيو آھي تھ ڪوٽڙي بئراج کي مناسب پاڻي فراھم ڪيو وڃي. ان ۾ ترجيح اڪرم واھھ ۽ ڦليلي واھھ کي ڏني وڃي تھ جيئن خشڪ فصلن جي پوکيءَ جي ھمت افزائي ٿي سگھي ۽ اھو ڪم مناسب طريقي سان ڪيو وڃي. ھن چيو تھ ڊائون اسٽريم ڪوٽڙيءَ ۾ خريف جي فصلن جي ابتدائي پوکي شروع ڪئي وئي آھي تنھن ڪري انھن کي لازمي طور تي خاطر خواھھ پاڻي فراھم ڪيو وڃي. مراد علي شاھھ چيو تھ بدين، سجاول ۽ ٺٽي جي پوڇڙيءَ وارن علائقن جي خاطر خواھھ پاڻي ان وقت پھچندو جڏھن سمورن غير قانوني پاڻي جي چوري يا واٽر ڪورسن جي وارا بندي جاري رھندي. ھن چيو تھ مان ڪنھن کي بھ پاڻيءَ جي ورھاست واري نظام ۾ مداخلت ڪرڻ جي اجازت نھ ڏيندس. ھن آبپاشيءَ واري وزير سيد ناصر شاھھ کي ھدايت ڪئي تھ ھُو پاڻي چوري / پاڻيءَ جي مختلف ذريعن غير قانوني لفٽنگ خلاف آپريشن شروع ڪيو وڃي. ھن ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد کي ھدايت ڪئي تھ اھي آبپاشي کاتي سان ان بابت سھڪار ڪري ۽ انھن کي پوليس فورس فراھم ڪئي وڃي. مراد علي شاھھ آبپاشي کاتي کي زور ڀريو تھ اھي سکر بئراج کان نڪرندڙ رائٽ بينڪ ڪئنالز جھڙوڪ رائيس، اين ڊبليو ۽ دادو ڪئنال کي پاڻيءَ جي مناسب فراھميءَ کي يقيني بڻايو وڃي. اسپيشل سيڪريٽري آبپاشي اسلم انصاريءَ اجلاس کي ٻڌايو تھ گڏيل طور تي 38 سيڪڙو تائين پاڻيءَ جي کوٽ آھي. ان تي وڏي وزير کين ھدايت ڪئي تھ اھي سڄي صوبي ۾ پاڻيءَ جي منصفاڻي ورھاست کي يقيني بڻائي ۽ پوڇڙيءَ وارن علائقن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. آبپاشيءَ واري وزير سيد ناصر شاھھ چيو تھ پاڻي چوريءَ خلاف آپريشن جي ذاتي طور تي نگراني ڪندو ۽ جڏھن گھرج پوندي تھ پاڪستان رينجرز جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. ھن بدين، سجاول ۽ ٺٽي جي چونڊيل نمائندن کي يقين ڏياريو تھ سندن ضلعن کي مناسب پاڻي فراھم ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *