سنڌ هائوس ۾ پيش آيل واقعو افسوسناڪ آهي، صورتحال ڪنهن ٻئي پاسي وڃي رهي آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد سنڌ هائوس تي حملي جي مذمت ڪئي آهي. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته سنڌ هائوس ۾ پيش آيل واقعو افسوسناڪ آهي ۽ ان جي مذمت ڪيان ٿو. هن چيو ته غير قانوني ڪم ٿيو آهي، ماڻهن کي سنڌ هائوس مان ڪڍيو ويو آهي، اصل مسئلو 27 مارچ جو آهي پر هي ته اڳ ئي شروع ٿي ويو، صورتحال پريشان ڪندڙ آهي، ائين نه ٿيڻ گهرجي، ظاهري طور صورتحال ڪنهن ٻئي پاسي وڃي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته آءِ جي کي حملو ڪندڙ ڪارڪنن جي گرفتاري جو حڪم ڏنو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *