سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي سڪيورٽي ڏيڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ،اڳوڻي صوبائي گهر وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي سڪيورٽي ڏيڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، آصف زرداري ۽ الطاف حسين کي دشمن قرار ڏيندي چيو آهي ته کيس طالبان، لشڪر جهنگوي ۽ ايم ڪيو ايم جي هٿياربند ونگ مان جان جو خطرو آهي. سنڌ هائيڪورٽ ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي سڪيورٽي ڏيڻ بابت داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته سندس گهرواري ۽ هن جي حياتي خطري ۾ آهي،پر عدالتي حڪم باوجود کين سيڪيورٽي ناهي ڏني وئي، جيڪو عمل عدالت جي توهين آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا عدالت کي استدعا ڪئي ته کيس خانگي سڪيورٽي گارڊ فراهم ڪيا وڃن. ان موقعي تي عدالت رمارڪس ڏنا ته اڳوڻي صوبائي گهرو وزير کي خانگي سڪيورٽي نه پر آءِ جي سنڌ کي چئي پوليس جي سڪيورٽي فراهم ڪرائي ويندي. انکانپوءِ عدالت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. ٻڌڻي بعد عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته الطاف حسين ۽آصف علي زرداري هن جا دشمن آهن، کيس طالبان،لشڪري جهنگوي ۽ ايم ڪيو ايم جي هٿياربند ونگ مان جان جو خطرو آهي. هن سواليه انداز ۾ چيو ته کيس سڪيورٽي فراهم نه ڪندڙ سنڌ جا حڪمران ٻڌائن ته ماڊل گرل ايان علي کي چئن سالن کان ڪهڙي بنياد تي سڪيورٽي فراهم ڪئي وئي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو چوڻ هو ته وسيم اختر ٿاڻا وڪڻي سنڌ جي خدمت ڪئي،جڏهن ته پ پ مان نااميد ٿي هن انصاف لاءِ عدالت جو دروازو کڙڪايو آهي. هن الزام مڙهيو ته آءِ جي سنڌ ڪمزور انسان آهي، سندس پٽ حيدرآباد ۾ قبضا ڪري ٿو، جڏهن ته سندس گهرو وزارت جي زماني ۾ آءِ جي غلام حيدر جمالي کيس پيرين پوندو هو. سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا وڌيڪ چيو ته ايس ايس پي رائو انوار سنڌين ۽ بلوچن تي ظلم ڪري رهيو آهي،اڳوڻي ڊي رينجرز کيس هٽائڻ لاءِ چيو پر آصف زرداري جي حڪم تي کيس نه هٽايو ويو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *