سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ارباب رحيم خلاف انتقامي ڪارروائي کان روڪڻ لاءِ اسپيڪر کي نوٽيس جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سينيٽ جي چونڊن دوران اڳوڻي وڏي وزير ارباب رحيم کي تحفظ ڏيڻ ۽ سندس خلاف انتقامي ڪارروائي نه ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ٻين عملدارن کي 2 مارچ تائين جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ بئنچ ارباب رحيم جي پٽ ارباب عنايت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ارباب رحيم سنڌ اسيمبلي جوميمبر آهي هو سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ چاهي ٿو پر کين خدشو آهي ته هو واپس آيو ته سندس خلاف انتقامي ڪارروائي ڪئي ويندي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ارباب رحيم کي تحفظ فراهم ڪري سندس خلاف انتقامي ڪارروائي کان روڪيو وڃي. عدالت اهڙي درخواست تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر، گهرو سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن کي 2 مارچ تائين جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *