سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف درخواست فوري ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي

ڪراچي (م.ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف درخواست فوري ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي، ٻيٽن تي منصوبي بابت نيڌرلينڊ سان معاهدو ڪرڻ تي وفاقي سرڪار کان جواب طلب، ٻڌڻي دوران اي جي سنڌ عدالت کي آگاهه ڪيو ته نيڌر لينڊ سان ٿيل ايم او يوز ۾ سنڌ سرڪار شامل نه آهي، عدالت حڪم ڏنو ته ٻيٽن جي مامري تي سنڌ حڪومت جي موقف کان آگاهه ڪيو وڃي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ٻيٽن تي ترقياتي ڪم سان تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويندا، جنهن جي نتيجي ۾ ماحولياتي تباهي جا خطرا آهن، وفاق ۽ سنڌ سرڪار کان جواب طلب ڪرڻ بعد ٻڌڻي 15 جنوري تائين ملتوي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *