سنڌ هاءِ ڪورٽ وڏي وزير خلاف غوث علي شاهه جي درخواست کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خلاف اڳوڻي وڏي وزير غوث علي شاهه جي درخواست کي ٻـُڌڻ جوڳو قرار ڏيندي وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري ۽ اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري کي 27 اپريل تي طلب ڪري ورتو. اڳوڻي وڏي وزير سيد غوث علي شاهه سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خلاف درخواست داخل ڪرائي. درخواست ۾ غوث علي شاهه موقف اختيار ڪيو آهي ته وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سياسي  انتقام طور سندس ڳوٺ کي خيرپور تعلقي کان ڌار ڪري ڪنگري تعلقي سان ملايو آهي جنهن کي عوام کي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. عدالت، اهڙي پٽيشن کي ٻڌڻي جوڳو قرار ڏيندي ڌر بڻايل وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي 27 اپريل تي طلب ڪري ورتو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *