سنڌ هاءِ ڪورٽ قومپرست ڪارڪن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ قومپرست جماعت جي ڪارڪن کي ڪيسن مان بري ٿيڻ جي باوجود حراست ۾ رکڻ جي خلاف درخواست منظور ڪندي امتياز هسن ميراڻي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو ڪيس جي ٻڌني سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سجاد علي شاهه ۽ جسٽس شوڪت علي ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪئي درخوست گذار ذوالفقارعلي ميراڻي جي وڪيل عاقب راڄپر موقف اختيار ڪيو هو ته امتياز حسين ميراڻي کي حيدرآباد پوليس 45 مختلف ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو هو ڄاڻايل شخص دهشتگردي ٽوڙ جي خاص عدالت حيدرآباد مان سمورن ڪيسن ۾ 20 ڏينهن اڳ آزاد ٿي چڪو آهي ان جي باوجود امتياز هسين ميراڻي کي آزاد نه پيو ڪيو وڃي عدالت جئي سنڌ قومي محاذ جي ڪارڪنن امتياز حسين ميراڻي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *