سنڌ هاءِ ڪورٽ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ جعلي ڊوميسائلن تي ٿيل داخلائون رد ڪري ڇڏيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ، ڪراچيءَ جِي شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ جعلي ڊوميسائلن تي ٿيل داخلائن کي رد ڪري ميرٽ تي داخلا ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هڪ رڪني بئنچ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ جعلي ڊوميسائلن تي داخلائن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ ڊي سي ملير به پيش ٿيو. ٻڌڻيءَ دوران درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته گڏاپ ٽائون جِي ڪوٽا تي ٻين علائقن جي شاگردن کي جعلي ڊوميسائيلز تي داخلائون ڏنيون ويون آهن. ان موقعي تي جسٽس سجاد علي شاهه ڊي سي ملير کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڊپٽي ڪمشنر آفيس کي پرچن جو دڪان ڇو بڻايو ويو آهي؟ عدالت، ڊي سي ملير کي حڪم ڏنو ته جعلي ڊوميسائيل ٺاهڻ فوري طور بند ڪيا وڃن. عدالت سڳوريءَ، اهو به حڪم جاري ڪيو ته گڏاپ جي ڪوٽا تي جعلي ڊوميسائيلن تي ڪيل داخلائون رد ڪري ميرٽ جي بنياد تي نئين سر داخلائون ڪيون وڃن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *