سنڌ هاءِڪورٽ آءِ جي سنڌ سميت ٻين پاران ٻيهر جمع ڪرايل معافي نامو رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ، توهين عدالت ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ ۽ ٻين پوليس آفيسرن پاران ٻيو ڀيرو جمع ڪرايل معافي نامي کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ آءِ جي سنڌ ۽ ٻين پوليس آفيسرن خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران آءِ جِي سنڌ پوليس جَي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ هڪ ڀيرو ٻيهر عدالت ۾ معافي نامو جمع ڪرايو. معافي نامي ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آءِ جي سنڌ ۽ ٻين پوليس آفيسرن کان غلطي ٿي وئي آهي. فاروق ايڇ نائيڪ موجب، ميڊيا سان جيڪڏهن زيادتي ٿي آهي ته هو ان کان معافي وٺڻ لاءِ تيار آهن. آءِ جِـي سنڌ پوليس جَي وڪيل عدالت کي اپيل ڪئي ته آءِ جي سنڌ ۽ ٻين پوليس آفيسرن کي غلطي جي معافي ڏني وڃي. ٻڌڻيءَ دوران صحافين جَي وڪيل بئريسٽر صلاح الدين موقف اختيار ڪيو ته پوليس عدالت جي تقدس کي پائمال ڪيو آهي. بئريسٽر صلاح الدين چيو ته پوليس انصاف ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو عمل سڌو سنئون ڏوهه جَي زمري ۾ اچي ٿو. صحافين جَي وڪيل چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار پاران آءِ جي سنڌ ۽ ٻين پوليس اهلڪارن کي فون ڪري طلب ڪيو پر هو نه آيا. جسٽس سجاد علي شاهه ريمارڪس ڏيندي چيو ته 2007ع ۾ به آءِ جي سنڌ معافي طلب ڪئي هئي ۽ هاڻ ٻيهر معافي طلب ڪئي پئي وڃي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته رجسٽرار جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ جسٽس سجاد علي شاهه ڪيس جي ٻڌڻي 4 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ان کان اڳ چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سبحان ميمڻ جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا واقعي جي جاچ ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *