سنڌ مان جبري گمشدگين تي گڏيل قومن جو پاڪستان کي خط منظر تي اچي ويو

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جبري گمشدگي جي معاملي ۾ پاڪستان جي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته هو ملڪ ۾ ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ ٿيندڙ جبري گمشدگين کي سنجيدگي سان وٺي ۽ ان تي غير جانبداراڻي جاچ جي ذريعي ملوث ماڻهن کي قانون جي دائري ۾ آڻي. جبري گمشدگين تي گڏيل قومن جي انساني حقن جي ”ورڪنگ گروپ آن انفورسڊ آر انوالنٽري ڊس اپيرنسز“ سميت يو اين جي انساني حقن ۽ تشدد جي خلاف ڪم ڪندڙ اٺ ادارن ان حوالي سان پاڪستان جي حڪومت کي خط لکي ڇڏيو آهي. پاڪستان حڪومت کي لکيل چوڏهن صفحن تي ٻڌل هڪ خط ۾ چيو ويو آهي ته هنن کي جيڪي اطلاع مليا آهن انهن مان لڳي ٿو ته ملڪ ۾ اقليتي گروپن، خاص طور تي سنڌ ۾ ماڻهن جي جبري گمشدگين جي واقعن ۾ وڏي واڌ ڏسڻ ۾ پئي اچي. خط ۾ چيو ويو آهي ته انهن قدمن ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف جاچ نه ڪرائڻ سان ان تاثر کي هٿي ملي ٿي ته اِها يا ته حڪومتي پاليسي آهي يا وري انهن ڏوهن کي نظرانداز ڪرڻ پاليسي جو حصو آهي. گڏيل قومن جي ورڪنگ گروپ پاڪستان جي حڪومت کي پنهنجي ڳڻتي ۽ الزامن تي موقف ڏيڻ، ان بابت کنيل قدمن، ان جي نتيجي ۾ ماڻهن جي آزادي ۽ جبري گمشدگين ۾ ملوث اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي جي تفصيل فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٻن مهينن جو وقت ڏنو هو. پر ورڪنگ گروپ کي ٻن مهينن ۾ پاڪستان ڪو به جواب ناهي ڏنو جنهن کان پوءِ انساني حقن جي ورڪنگ گروپ ان خط کي عام ڪيو آهي. ان خط جي آڏو اچڻ کان پوءِ پاڪستاني حڪومت جو رد عمل ڄاڻڻ لاءِ پاڪستان جي انساني حقن بابت وزير شيرين مزاري ۽ پاڪستان جي سڌُ سماءَ واري وزير فواد چوڌري سان رابطو ڪيو ويو پر في الحال ڪنهن به رد عمل ناهي ڏنو. گڏيل قومن جي خط موجب پاڪستان حڪومت سان جبري گمشدگين ۽ انساني حقن جي ٻين ڀڃڪڙين جي سلسلي ۾ پهرين به رابطا ڪيا ويا آهن، ۽ اسان پاڪستان طرفان انهن معاملي تي اسان جي ڳڻتي تي ڏنل جوابن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، پر وري به زور ڏيڻ چاهيون ٿا ته هر شخص کي جبري گمشدگي کان بچاءُ جو عالمي سطح تي قبول ڪيل حق حاصل آهي جنهن کي رياست کي يقيني بڻائڻو آهي. گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته تازو ئي سنڌ ۾ انهن ۾ واڌ ٿي آهي، اِهو عمل گهڻو پکڙجي چڪو آهي ۽ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ان جو هدف اهڙا ڪيترا  ماڻهو بڻيا آهن جيڪي سنڌي، بلوچي، پشتون ۽ شيعه اقليتن سان تعلق رکڻ کان سواءِ سياسي ڪارڪن ها يا انساني حقن جا علمبردار هئا. خط موجب انهن جبري گمشدگين جو الزام ملٽري انٽيليجنس، آءِ ايس آءِ، سنڌ رينجرز، سنڌ پوليس ۽ انٽيليجنس بيورو تي هنيو پيو وڃي ۽ انهن قدمن کي جو مقصد ظاهري طور پاڪستان جي اقليتن ۾ خوف پيدا ڪري انهن کي خاموش ڪرائڻ لڳي ٿو. خط ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته گذريل 5 سالن ۾ سنڌ مان ٽي هزار اٺ سئو ماڻهو جبري طور تي گم ڪرڻ جا اطلاع آهن پر ان عمل ۾ هڪ گرفتاري به نه ٿي سگهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *