سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ شق 74 ۽ 75 ڪالعدم قرار، سپريم ڪورٽ فيصلو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد:(م.ڊ) سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي اختيارن جي منتقلي لاءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي درخواست اڪلائي ڇڏي. عدالت سنڌ لوڪل گورنمنٽ ايڪٽ جي شق 47 ۽ 75 ڪالعدم قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت سمورن قانون جي آرٽيڪل 140 اي سي هم آهنگي کي يقيني بنائي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد فيصلو پڙهي ٻڌايو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ماسٽر پلان تيار ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ بلدياتي ادارن جو اختيار آهي، لوڪل گورنمينٽ تحت صوبائي حڪومت ڪوبه نئون منصوبو شروع نٿي ڪري سگهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته سنڌ حڪومت مڪاني ادارا قائم ڪرڻ جي پابند آهي، آئين تحت مڪاني ادارن کي مالي، انتظامي ۽ سياسي اختيار ڏنا وڃن، سنڌ حڪومت مقامي حڪومتن سان هم آهنگي ۽ سٺا لاڳاپا برقرار رکڻ جي پابند آهي.عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013 جي سيڪشن 74 ۽ 75 کي ڪالعدم قرار ڏنو پيو وڃي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ايڪٽ، ڪي ڊي اي رولز، ملير ڊوالپمينٽ اٿارٽي، حيدرآباد ڊوالپمينٽ اٿارٽي، لياري، سيوهڻ ۽ لاڙڪاڻو ڊوالپمينٽ اٿارٽي جي قانون کي آئين موجب تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته ان شقن ۾ تبديلي ڪئي وڃي جتي صوبائي ۽ مقامي حڪومتن جي اختيارات ۾ تضاد آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *