سنڌ فيسٽيول نالي ڪرپشن، نيب پاران تحقيقات جو فيصلو

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ ۾ ڪلچر جي نالي تي ڪرپشن ميلي جو نيب نوٽيس وٺندي سنڌ فيسٽيول جي آرگنائيزر حشام رياض شيخ، ان جي گهرواري شرميلا فاروقي ۽ ٻين کان پڇا ڳاڇا جو فيصلو ڪيو آهي. نيب جي انڪوائري رپورٽ جي مطابق افتتاح ۽ اختتامي تقريبون ساڍا 10 ڪروڙ رپين ۾ پيون. سوا ٻه ڪروڙ رپين جون پتنگون اڏايون ويون، گهوڙن تي ٻه ڪروڙ ۽ گڏهن جي ريس تي نصف ڪروڙ لڳائي ورتا. ذريعن جي مطابق مينجنگ ڪميٽي جي ميمبرن فريال ٽالپور، شيري رحمان، فخر عالم، اويس مظفر ٽپي، شرجيل ميمڻ ۽ شهريار تاثير کان به تحقيات ڪئي ويندي. ذريعن ٻڌايو ته  اڳوڻي سيڪريٽري بلديات ثاقب سومرو، ذوالفقار شلواڻي، سيڪريٽري خزانه ۽ ڊي جي ڪلچر سميت ٻين کان به پوڇا ڳاڇا ڪئي ويندي. فيسٽيول ايترا ضروري هئا ته سمري کان انڪار تي ٻن ڏينهن ۾ ٽي سيڪريٽري بدلي ڪيا ويا نيب وڌيڪ تفتيش جي لاءِ اجازت گهري ورتي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *