سنڌ فيسٽيول تي 2 ارب خرچ، نيب گهپلن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قومي احتساب بيورو بلاول ڀٽو زرداري جي خواهش تي ٿيندڙ سنڌ فيسٽيول جي خرچن بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي نيب ڪجهه سرڪاري ۽ خانگي ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪري طلب ڪري ورتو آهي جڏهن ته پيپلزپارٽي جي ترجمان سينيٽر فرحد الله بابر نيب پاران ان ڪارروائي تي ردعمل ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ذريعن مطابق نيب سنڌ پاران اطلاعات کاتي ۾ اربين رپين جي بيقاعدگين بابت جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته سنڌ فيسٽيول دوران سنڌ حڪومت 40 ڪروڙ رپيا هڪ ايدورٽائيزنگ ڪمپني کي جاري ڪيو فيسٽيول جي افتتاحي ڪمپي لاءِ هڪ نجي ڪمپني 18 ڪروڙ رپيا فراهم ڪيا ويا فيسٽيول جي دوران ڪمپني کي مختلف انتظامن جي مد ۾ 40 ڪروڙ رپيا ادا ڪيا ويا ذريعن مطابق ان صورتحال تي نيب ڪجهه سرڪاري ۽ خانگي ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪري طلب ڪيو آهي نيب کي ان فيسٽيول ۾ مالي بيضابگيون اختيارين کان وڌي وڃڻ ۽ تاريخي ورثي کي نقصان رسائڻ جون شڪايتون مليون آهن حڪومتي فنڊ جاري ڪرڻ لاءِ حد کان وڌي وڃڻ ۽ من پسند سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو انهن شڪايتن جي صداقت ڄاڻڻ لاءِ جاچ ٿي رهي آهي سنڌ فيسٽيول جو بجيٽ سنڌ حڪومت پاران 25 ڪروڙ رپيا کيو ويو هو بجيٽ کان علاوه عطيات جي درخواست ڪئي ويئي هئي بلاول ڀٽو زرداري اعلان ڪيو هو ته ان فيسٽيول جو خرچ پارٽي فنڊ مان ڏنو ويندو ميڊيا رپورٽ مطابق ايئن ناهي ٿيو ۽ سمورو خرچ جيڪو اٽڪل 2 ارب رپيا ٿئي ٿو سنڌ حڪومت جي ترقياتي سرڪاري فنڊ مان ورتو ويو زريعن مطابق افتتاحي تقريب تي 18 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا نيب مطابق اها ڳالهه به نوٽ ڪئي ويئي ته فيسٽيول جي اهتمام کان اڳ ڪجهه سرڪاري آفيسرن حڪومت جي نامناسب حڪمن جي حڪم عدولي ڪئي ته کين عهدي تان هٽايو ويو فيسٽيول جي سمري تي صحيح نه ڪرڻ تي ٻن ڏينهن ۾ ٻه سيڪريٽري تبديل ٿيا نيب پاران سنڌ فيسٽيول رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *