سنڌ سرڪا ٻڌائي 2 ارب ڪيڏانهن ويا، وفاق سنڌ کي پئسا ڏنا ته ڏائڻ کائي ويندي: پير پاڳارو/ذوالفقار مرزا/ايازلطيف پليجو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پير پاڳاري جي صدارت هيٺ جي ڊي اي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته مڪاني چونڊن ۾ حصو ورتو ويندو ۽ ٽڪيٽ هولڊرز جي حوالي سان هالا، ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ اجلاس ڪيا ويندا. اجلاس کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي صدر الدين شاهه راشدي چيو ته جي ڊي آءِ طرفان مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اُن سلسلي ۾ ايندڙ اجلاس هالا ۾ ٿيندو. هُن چيو ته وفاقي سرڪار سمورن صوبن کي هڪ نظر سان ڏسي، پر سنڌ سرڪار ٻڌائي ته 2 هزار ارب رُپيا مليا هئا، اُهي ڪيڏانهن ويا. اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ حڪومت ٻڌائي ته اڃا تائين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين ڇو مقرر نه ڪيو آهي؟ صوبائي اين ايف سي جو اجلاس ڇو ناهي ٿيو؟ ڊاڪٽرز جي هڙتال دوران فوت ٿيل مريضن جو حساب ڪير ڏيندو؟ سموري پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن سنڌ ۾ ٿي رهي آهي، بدين، ميرپور خاص ۽ ٽنڊو الهيار ته تباهه ٿي چڪا آهن، پهرين ڪمند ۽ هاڻ ڪڻڪ جا اگهه نه ڏئي سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪيو پيو وڃي. 20 مارچ تي سمورن ٽڪيٽ هولڊرز جو اجلاس ٿيندو ۽ 11 اپريل تي ٻيو اجلاس لاڙڪاڻي ۾ صفدر عباسي جي گهر تي ٿيندو. اجلاس ۾ ارشاد رانجهاڻي، رمشا وساڻ ۽ گونگي ناري شيرين بروهيءَ جي قتل جي به سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. اُن موقعي تي ڳالهائيندي ذوالفقار مرزا  چيو ته وفاق کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن ڏينهن سنڌ کي پئسا ملندا ته ڏانئڻ کائي ويندي. وزيراعظم جلد سنڌ جي دوري تي ايندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *