سنڌ سرڪار 120 کان وڌيڪ آفيسرن 19 هين مان 20 ۽ هڪ آفيسر کي 20 هين مان 21 هين گريڊ ۾ ترقيون ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي(م.ڊ) سنڌ سرڪار 120 کان وڌيڪ آفيسرن 19 هين مان 20 ۽ هڪ آفيسر کي 20 هين مان 21 هين گريڊ ۾ ترقيون ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي سليڪشن بورڊ ون جو اجلاس ٿيو. جنهن دوران ترقين جي حوالي سان غور ويچار بعد 120 کان وڌيڪ آفيسرن کي ترقيون ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، 20 هين گريڊ جي پي ايس ايس گروپ جي آفيسر بدر جميل مينڌرو کي 21 هين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، صحت کاتي جي 91 کان وڌيڪ ميل ۽ 20 کان مٿي فيميل ڊاڪٽرز کي 19 هين مان 20 هين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. جن آفيسرن جي 19 هين مان 20 هين گريڊ ۾ ترقي جي منظوري ڏني وئي، انهن ۾ زراعت کاتي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ 8 آفيسر به شامل آهن، آبپاشي کاتي جي عزيز الله ميمڻ ڊي جي ۽ اشتياق حسين کي چيف انجنيئر واري عهدي تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ واري کاتي جي اڪبر بلوچ ۽ شمس الدين شيخ کي 20 هين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. سليڪشن بورڊ ون جي اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ناهيد شاهه، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو شمس الدين سومرو، ناڻي کاتي جي سيڪريٽري نجم شاهه، سيڪريٽري سروسز نويد شيخ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري جمال ابڙو ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *