سنڌ سرڪار ڪمنڊ جي اگهه تي سسبڊي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته هن ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ جي لاءِ آبادگارن ۽ مل مالڪن جي نمائيندن سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون آهن، ملاقات ۾ ڪمند جي ايندڙ فصل جو اگهه مقرر ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه هلندڙ سال ڪمند جي اگهه تي سبسڊي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اجلاس ۾ زراعت جو صوبائي وزير علي نواز خان مهر، چيف سيڪريٽري سنڌ محمد صديق ميمڻ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو، سيڪريٽري زراعت گلزار شيخ، ڪين ڪمشنر  ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. شوگر مل ايسوسيئيشن جي نمائيندن سان ملاقات ۾ وڏي وزير چيو ته  هلندڙ مالي سال ۾ سنڌ حڪومت وٽ سبسڊي ڏيڻ جي لاءِ مالي سگهه ناهي ۽ گذريل سال به اسان ترقياتي فنڊن مان سبسڊي فراهم ڪئي هئي جيڪا هن سال ممڪن ناهي، ان جي لاءِ ٻئي ڌريون گڏجي گڏيل رضامندي سان ڪمند جو اگهه مقرر ڪن. پاسما جي نمائيندن چيو ته گذريل سال  هنن کنڊ جي 1.3 ملين ٽن مقامي کپت جي مقابلي ۾ 1.8 ملين ٽن پيداوار ڪئي هئي ۽ ان حساب سان 8 لک ٽن وڌيڪ کنڊ انهن جي گودام ۾ پيل رهي.  هنن چيو ته قومي ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ کنڊ جي قيمت هيٺ مٿي ٿيندي رهي ۽ پاڙيسري ملڪن ۾ به کنڊ جي پيداوار وڌيڪ ٿي ان جي ڪري هو وڌيڪ کنڊ بر آمد به نه ڪري سگهيا. هنن حڪومت تي روز ڀريو ته ڪمند جو اگهه 165 روپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي  جنهن تي وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه  چيو ته اهو اگهه مناسب ناهي، ان ڪري وڏي وزير پاسما وارن کي مناسب اگهه مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏيڻ لاءِ وقت ڏنو. وڏي وزير چيو ته منهنجي خواهش آهي ته ڪمند جو اگهه مل مالڪن ۽ آبادگارن جي گڏيل رضامندي سان طئي ٿئي. وڏي وزير آبادگارن سان الڳ ملاقات پڻ ڪئي جنهن ۾ آبادگارن ڪمند جو اگهه 185 روپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. وڏي وزير چيو ته انهن جي تجويز ڪيل قيمت جي حوالي سان مل مالڪن سان ڳالهائيندس ۽ ٻنهي ڌرين جي لاءِ قابل قبول قيمت مقرر ڪئي ويندي. آبادگارن جي وفد جي سربراهي ڊاڪٽر نديم قمر، زاهد ڀرڳڙي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *