سنڌ سرڪار کان لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪرڻ جو مطالبو ، 14 اپريل کانپوءِ وارو لائحه عمل به تيار ڪيو وڃي: تحريڪ انصاف سنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊرفر دوس شميم نقوي سنڌ سرڪار کي لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته 14 اپريل کانپوءِ وارو لائحه عمل به تيار ڪيو وڃي، مارڪيٽن جو وقت وڌايو وڃي، هڪ ڏينهن ڪپڙي جا دڪان کولڻ جي اجازت ڏني وڃي ته ٻئي ڏينهن ٻيا دڪان کولڻ جي اجازت ملڻ گهرجي. جاري ڪيل بيان ۾ فردوس شميم نقوي چيو ته سنڌ سرڪار پنهنجو هڪ به فرض ادا ناهي ڪيو،غريب ماڻهو راشن جي لاءِ ڌڪا کائڻ تي مجبور آهن، ڪي اليڪٽرڪ به عوام دشمن ڪمپني بڻجي چڪي آهي. فردوس شميم نقوي چيو ته اوهان ايوريج بلنگ جي ڳالهه ڪيو ٿا، ان نالي تي هزارين رپيا بل اماڻي نا انصافي ڪئي وئي آهي، سنڌ سرڪار اسان جي تجويزن تي غور ويچار ڪري. فردوس شميم نقوي چيو ته سنڌ ۾ ڪير به بکيو نه سمهندو ان واعدي تي لاڪ ڊائون واري فيصلي تي اسان سنڌ سرڪار سان گڏ هئاسين، پر سنڌ حڪومت واعدي تي عمل ناهي ڪيو، ماڻهو راشن جي لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن. فردوس شميم نقوي چيو ته ماڻهن کي فيڪٽرين مان نيڪالي ڏني پئي وڃي، فيڪٽرين کي ڪورونا جي ضابطي تحت ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي، فيڪٽرين مان هيل تائين هڪ به مريض سامهون ناهي آيو. فردوس شميم نقوي چيو ته پيپلزپارٽي هميشه سازشي مزاج رهي آهي، سعيد غني چيو ته اسان احساس پروگرام جو حصو ٿيڻ چاهيون ٿا، پ پ صوبي جي عوام تي رحم ڪري. فردوس شميم نقوي چيو ته مراد علي شاهه صاحب پيسا ٺاهڻ بند ڪيو، صوبي جو عوام بک مري رهيو آهي، بيماريون ماڻهن جا در کڙڪائي رهيون آهن، صوبي کي ڪيستائين بند رکندا…..؟

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *