سنڌ سرڪار پراسيڪيوشن ترميمي بل بابت سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ جواب تيار ڪري ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پراسيڪيوشن ترميمي بل بابت اجايا ابهام پيدا ڪيا پيا وڃن، ڪنهن به ڏوهاري کي تحفظ نه ملندو: سنڌ سرڪار پراسيڪيوشن ترممي بل بابت سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ جواب تيار ڪري ورتو آهي. سنڌ  سرڪار سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرايل پراسيڪيوشن ترميمي بل بابت جواب تيار ڪري ورتو  آهي، جيڪو سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويندو. سنڌ سرڪار جواب ۾ چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي قانونساز ادارو آهي، ان کي ذميوارين جي ادائيگي کان نه ٿو روڪي سگهجي. سنڌ سرڪار موجب، بل آئين ۽ قانون موجب آهي، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جا فيصلا به موجود آهن، جڏهن ته ٻين صوبن ۾ ساڳيو ئي قانون آهي. سنڌ حڪومت جواب ۾ چيو آهي ته پراسيڪيوشن ترميمي بل غلط ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، سنڌ اسيمبلي ڪنهن به قسم جي قانونسازي جي منظوري جو اختيار رکي ٿي. واضح رهي ته سنڌ اسيمبلي پراسيڪيوشن ترميمي بل جي منظوري ڏني هئي، جنهن کي سپريم ڪور ٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *