سنڌ سرڪار پبلڪ سروس ڪميشن کان ڀرتين جا اختيار ڦرڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کان ڀرتين جا اختيار ڦرڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته ايس پي ايس سي کان 17 ۽ ان کان مٿي گريڊ جي ڀرتين جا اختيار واپس ناهن ورتا ويا. ڪراچي مان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کان ڀرتين جا اختيار ڦرڻ وارين خبرن جي ترديد ڪئي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته 17هين ۽ ان کان مٿي گريڊ وارين ڀرتين جا اختيار سنڌ پبلڪسروس ڪميشن وٽ ئي موجود رهندا. سيد قائم علي شاهه جو چوڻ آهي ته ايس پي ايس سي کان ڀرتين جا اختيار ڦرڻ وارين خبرن ۾ ڪابه سچائي ناهي. وڏي وزير واضح ڪيو آهي ته ڏيڍ سال جي عرصي دوران رڳو پوليس کاتي ۾ 8 هزار سپاهي ڀرتي ڪيا ويا آهن. سيد قائم علي شاهه وڌيڪ چيو ته سپاهين جون ڀرتيون هر ضلعي جي جوڙيل ڪميٽين معرفت ڪيون. ٻئي طرف ناليواري آئيني ماهر بيرسٽر ضمير گهمري جو چوڻ آهي ته ڀرتين جو اختيار آئيني طور سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي وٽ آهي، جنهن کان اختيار ڦريا ويا ته اهڙي عمل کي چيلينج ڪيو ويندو. بيرسٽر ضمير گهمري جو چوڻ آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کان اختيار ڦرڻ وارو عمل صوبائي سرڪار کي ڪڏهن به ڦٻي نه سگهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *