سنڌ سرڪار پاران ڪراچي ۾ غيرقانوني شادي هالن کي سيل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ بلديات کاتي جي اعليٰ آفيسرن جو اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڪراچي سميت سموري صوبي ۾ جاري ”صاف ۽ سرسبز ، پر امن سنڌ“ مهم جي حوالي سان تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ثاقب سومرو سميت اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ صوبي ۾ قبضن جي خاتمي خاص ڪري شهر۾ هلندڙ اهڙا سمورا شادي هال جيڪي بغير اين او سي يا ٽيڪس جي هلي رهيا آهن انهن کي فوري طور تي سيل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ۽ سمورن ضلعن جي ايڊمنسٽريٽرن کي خصوصي هدايتون جاري ڪندي چيو ته ستن ڏينهن جي اندر هو پنهنجي پنهنجي ضلعن جي اهڙن سمورن هالن کي سيل ڪري رپورٽ کيس پيش ڪن. اجلاس ۾ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي صوبائي وزير کي شهر ۾ هلندڙ اهڙي سمورن شادي هالن بابت مڪمل رپورٽ پيش  ڪئي جيڪي يا ته بغير اجازت نامي جي هلي رهيا آهن يا اهي شادي هال ٽيڪس ادا نٿا ڪن. صوبائي وزير اجلاس ۾ موجود سمورن آفيسرن کي هدايتون ڏيندي چيو ته شهر ۾ غير قانوني، گرين بيلٽ يا رفائي پلاٽن تي قائم شادي هالن سميت اهڙا سمورا شادي هال جيڪي بغير اين او سي جي يا وري ٽيڪس ادا نٿا ڪن انهن کي فوري طور تي سيل ڪيو وڃي. ان موقعي تي هن سمورن ڊسٽرڪٽ جي ايڊمنسٽريٽرن کي سختي سان هدايتون ڏنيون ته هو پنهنجي پنهنجي ضلعن ۽ اهڙي قسم جي شادي هالن کي فوري طور تي سيل ڪري رپورٽ هڪ هفتي جي اندر اندر جمع ڪرائين. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ صفائي، وڻڪاري ۽ قبضن جي خاتمي لاءِ 23 فيبروري کان شروع ڪيل مهم ۾ تيزي آندي وڃي ۽ مين رستن سان گڏوگڏ گھٽين رستن ۽ پاڙن جي سطح تي صفائي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *