سنڌ سرڪار پاران ٿر ۾ هنگامي قدم کڻڻ جو فيصلو، ڪڻڪ مفت ورهائي وڃي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ضلعي ٿرپارڪر ۾ ٻارن جي صحت واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي هنگامي فيصلا ڪيا آهن جن ۾ سمورن غريب گهراڻن ۾ ڪڻڪ جي ورهاست ۽ ريگستاني علائقن ۾ رهندڙ ماروئڙن، بيمار ٻارڙن ۽ سندن مائرن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ موبائل ميڊيڪل ٽيمون موڪلڻ شامل آهي. اهو فيصلو وزير اعليٰ هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ منعقد اعليٰ سطحي اجلاس ۾ گذريل رات ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايم اين اي فريال ٽالپر خصوصي طور شرڪت ڪئي. اجلاس انهيءَ کان سواءِ صوبائي وزير نثار کهوڙو، سيد مراد علي شاهه، سيد ناصر حسين شاهه، ڄام مهتاب ڏهر، سهيل انور سيال، علي مردان شاهه، ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر، ڊي جي پي ڊي ايم اي سيد سلمان شاهه ۽ ٻيا شامل هئا. ڊي جي پي ڊي ايم اي سيد سلمان شاهه ۽ وڏي وزير جي رليف ۽ بحالي واري صلاحڪار علي حسن هنگورجو وڏي وزير جي هدايت تي ٿر جو دورو ڪيو هو، انهن اجلاس کي بريفنگ ڏني. سيد سلمان شاهه چيو ته مٺي سول اسپتال جي او پي ڊي جي مجموعي شرح بابت مٺي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر اقبال ڀرڳڙي ٻڌايو ته روزانو تقريبن نو سئو مريض ايندا آهن جن مان ٻارن جو انگ 150 هوندو آهي، جڏهن ته 25 نوان ڄاول ٻار نرسري ۾ داخل ڪيا ويندا آهن. هن چيو ته پهرين جنوري کان ڏهه جنوري تائين 17 ٻار نوان ڄاول ٻار فوت ٿيا آهن، جن مان وڌيڪ وقت کان اڳ ڄم ڪارڻ ۽ ڪجهه پنهنجي گهرن ۾ زچگي ۽ گهرن ۾ صحت جون مطلوبه معيار جي سهولتون نه هئڻ سبب انفيڪشن ڪري ٿيا. ٿر جو دورو ڪندڙ سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سندس مشاهدي مطابق ٿر جي علائقي ۾ رهندڙ ماڻهو غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن. ان چيو ته ٿر ۾ ڪنهن به قسم جي خشڪ سالي نه آهي ۽ جيتري قدر ڪڻڪ جي ورهاست آهي ان سان غريب ماڻهن کي فائدو رسندو. وڏي وزير پاليسي فيصلو ڪندي خوراڪ واري کاتي کي هدايت ڪئي ته اهي ٿر جي ماڻهن ۾ مفت ڪڻڪ ورهائن. هن صحت کاتي کي به ٿر جي ڏورانهن ۽ پسماندن علائقن ۾ ڏهه موبائل ميڊيڪل ٽيمون اماڻڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ڄاڻايل ٽيمون تمام ضروري طبي اوزار، انڪيوبيٽرز، آڪسيجن، دوائون ۽ مائرن جي صحت لاءِ ٻيو ضروري سامان هئڻ گهرجي ته جيئن انهن کي صحت جون بهتر سهولتون ڏئي سگهجن. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه 19 سرڪاري يونيورسٽين جي مالي مسئلن کي نظر ۾ رکندي 1.9 بلين رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ته جيئن سموريون يونيورسٽيون پنهنجي جاري ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪري سگهن. سنڌ جي وڏي وزير يونيورسٽيز ۽ بورڊ جي سيڪريٽري اقبال درانيءَ سرڪاري يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن سان گڏ 10 آڪٽوبر 2015ع تي ترقياتي منصوبن تي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ گڏجاڻي ڪئي هئي جنهن ۾ وائس چانسلرن سيڪريٽريءَ کي آگاهي ڏني هئي ته اهي ترقياتي منصوبن جي تڪميل ۾ مالي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ انهن سنڌ سرڪار کي درخواست ڪئي ته ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ اضافي گرانٽ ڏني وڃي. وڏي وزير جي سيڪريٽريءَ ان حوالي سان 19 يونيورسٽين لاءِ 1.9 بلين رپين (في يونيورسٽي 100 ملين رپيا) وڏي وزير کي پيش ڪئي هئي، جنهن جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اڄ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جن يونيورسٽين کي اضافي سئو ملين رپين جي گرانٽ ملي آهي انهن ۾ پيپلز يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنس فار وومين شهيد بينظيرآباد، لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل هيلٿ اينڊ سائنسز ڄامشورو، جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي، ڪراچي آف يونيورسٽي، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظيرآباد، سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊو ڄام، ڊائو يونيورسٽي آف انجنيئرنگ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي نوبشاهه، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف ويٽنري اينڊ اينيمل سائنس سڪرنڊ، سنڌ مدرسه الاسلام يونيورسٽي ڪراچي، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، يونيورسٽي آف سنڌ ڄام شورو، مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا ڪراچي، انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) سکر ۽ انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) ڪراچي شامل آهن. وڏي وزير 1.9 بلين رپين جي گرانٽ 19 تعليمي ادارن کي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *