سنڌ سرڪار پاران مڪاني چونڊن لاءِ نيون ترميمون ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جيڪڏهن هڪ مهيني اندر مڪاني چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي ته عدالت جو حڪم اکين تي آهي پر نين تڪبندين کان بغير هڪ مهيني اندر مڪاني چونڊون ڪرائڻ ممڪن ناهن، نه ئي ان عرصي ۾ مڪاني چونڊون ٿيندي نظر اچي رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ لوڪل گورنمينٽ بابت ڪميٽيءَ جي اجلاس جي صدارت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر ميندرو، شرجيل ميمڻ، مير هزار خان بجاراڻي، سيڪريٽري قانون ۽ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ شرڪت ڪئي. نثار احمد کهڙو چيو ته مڪاني چونڊون هاڻي پينل سسٽم تحت نه پر وارڊز تحت ٿينديون ۽ وارڊز ٺاهيا ويندا جنهن تحت عوام چونڊن ۾ حصو وٺندو. هن چيو ته وارڊز جون تڪبنديون الڪيشن ڪميشن آف پاڪستان ڪندي. هن چيو ته مڪاني چونڊون پينل سسٽم بدران وارڊز تحت ٿيڻ بابت ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي ويندي. هن چيو ته نين تڪبندين جو اختيار اليڪشن ڪميشن کي ڏنو ويو آهي ۽ تڪبندين جي ايڪٽ ۾ ڪجهه زير زبر ۽ ٻي مناسب ترميم کانپوءِ اليڪشن ڪميشن نين تڪبنديون ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيندي. نثار احمد کهڙو هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته مارشل لا جو مطالبو ڪا سياسي جماعت ڪري اها ان غير جمهوري سوچ آهي. مارشل لا مسئلن جو حل ناهي، مسئلن جو دائمي حل جمهوريت ۾ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *