سنڌ سرڪار وفاق جي نئين پاور پاليسي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار وفاق جي نئين پاور پاليسي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان ڏس ۾ وفاق کي آگاهي ڏني وئي آهي. سي ايم هائوس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب وفاقي سرڪار جي پاور پاليسي کي قبول نه ٿو ڪري سگهجي. سنڌ سرڪار جو موقف آهي ته جيستائين سنڌ جي گئس ۽ پئٽرول  جو معاملو نه ٿو نبري تيستائين وفاق جي پاليسي قبول نه ڪيو ويندو. پڌرائي موجب سنڌ سرڪار جو موقف آهي ته گئس انفراسٽرڪچر ڊولپمنٽ سيس، وفاق پاران ماڙي گئس فيلڊ جي ٽيرف ۾ هڪ طرفي تبديلي ۽ ايل اين جي امپورٽ ڪرڻ واري فيصلي تي به سنڌ کي تحفظات آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *