سنڌ سرڪار نئين بجيت ۾ نوان ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز رد ڪري ڇڏي، انفراسٽرڪچر سيس ۾ واڌ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت، نئين مالي سال 2015 – 16 جي صوبائي بجيٽ ۾ نئين ٽيڪس لڳائڻ واري تجويز رد ڪندي انفرا اسٽرڪچر سيس ۾ واڌ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب گاڏين جي رجسٽريشن بڪ جي فيس ۾ به اضافو ڪيو ويندو. ذريعن موجب ايڪسائيز کاتي پاران بجيٽ ۾ صنعتي ملڪيتن تي اڍائي ۽ ڪمرشل ملڪيتن تي 5 سيڪڙو بٽرمينٽ ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي هئي،جيڪا وڏي وزير رد ڪئي. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ انفرا اسٽرڪچر سيس جي مد ۾ هڪ رپيو واڌ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي. گاڏين جي رجسٽريشن بڪ جي في 2 سئو مان وڌائي 4 سئو ۽ ڊپليڪيٽ بڪ جي فيس 2 سئو مان وڌائي 2 هزار ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *