سنڌ سرڪار غير قانوني ڀرتيون ۽ فنڊن جو غلط استعمال ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري: سپريم ڪورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ سنڌ پوليس ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ جاچ ونگ فنڊن جي غلط استعمال تي ملوث آفيسرن خلاف سنڌ حڪومت کي ڪارروائي جو حڪم ڏيندي ثناءَ الله عباسي کي آءِ جي پاران جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،جسٽس امير هاني مسلم رمارڪس ڏنا ته چيف سيڪريٽري سنڌ سرڪار کان ملوثن خلاف ڪارروائي بابت هدايتون وٺي عدالت کي آگاهه ڪري ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي يا نه ڪندي؟ سپريم ڪورٽ جي جسٽس امير هاني مسلم ، جسٽس عظمت سعيد ۽ جسٽس خلجي عارف تي ٻڌل ٽه رڪني بينچ پوليس ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ جاچ فنڊن کي غلط استعمال ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل آءِ جي ثناءَ الله عباسي، اي ڊي خواجه ۽ سلطان خواجه پاران عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي وئي. ثناءَ الله عباسي ۽ ٻين پوليس آفيسرن عدالت کي ٻڌايو ته آءِ جي سنڌ پاران مختلف طريقن سان دٻاءُ وڏو پيو وڃي کين شوڪاز جاري ڪري اي سي آر خراب ڪئي وئي آهي. ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته ثناءَ الله عباسي ذاتي سببن جي ڪري الزام هڻي رهيو آهي ۽ اهي ٻئي آفيسر غيرقانوني طور تي پوليس ۾ ضم ڪيا ويا . ٻڌڻي دوران عدالت چيف سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ته هو سنڌ حڪومت کان ملوثن خلاف ڪارروائي ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت هدايت وٺي عدالت کي چيمبر ۾ آگاهه ڪري، جنهن بعد اوپن ڪورٽ ۾ فيصلو ٻڌايو ويندو. ٻڌڻي دوران جسٽس امير هاني مسلم آءِ جي سنڌ سان مخاطب ٿيندي رمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ سنڏ حڪومت جي درخواست تي جاچ جو حڪم ڏنو هو، جڏهن ته اوهان پهريان ڊي آءِ جي آفتاب پٺاڻ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ۽ هاڻي وري ثناءَ الله عباسي کي شوڪاز ڏنو آهي. جسٽس امير هاني مسلم آءِ جي سنڌ سان مخاطب ٿيندي رمارڪس ڏنا ته ثناءُ الله عباسي کي جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس واپس وٺو ۽ اوهان انهن شين کان پري رهو. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل آءِ جي ثناءَ الله عباسي عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته مٿن دٻاءُ وڌو پيو وڃي، جڏهن ته شوڪاز جاري ڪري سندس اي سر آر خراب ڪئي پئي وڃي. عدالت سنڌ حڪومت کي ايڊيشنل آءِ جي ثناءَ الله عباسي جي پيش ڪيل رپورٽ تي ڪارروائي جو حڪم پڻ ڏنو. ان کان اڳ آءِ جي سنڌ جي وڪيل عرفان قادر عدالت دليل ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو . عدالت ۾ آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي، سنڌ جي چيف سيڪريٽري محمد صديق ميمڻ ۽ گهرو سيڪريٽري پيش ٿيا. آءِ جي سنڌ جي وڪيل عرفان قادر دليل ڏيڻ شروع ڪيا ته ان کي عدالت روڪيندي چيو ته اوهان جو سپريم ڪورٽ سنڌ پوليس ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ جاچ ونگ فنڊن جي غلط استعمال تي ملوث آفيسرن خلاف سنڌ حڪومت کي ڪارروائي جو حڪم ڏيندي ثناءَ الله عباسي کي آءِ جي پاران جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،جسٽس امير هاني مسلم رمارڪس ڏنا ته چيف سيڪريٽري سنڌ سرڪار کان ملوثن خلاف ڪارروائي بابت هدايتون وٺي عدالت کي آگاهه ڪري ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي يا نه ڪندي؟ سپريم ڪورٽ جي جسٽس امير هاني مسلم ، جسٽس عظمت سعيد ۽ جسٽس خلجي عارف تي ٻڌل ٽه رڪني بينچ پوليس ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ جاچ فنڊن کي غلط استعمال ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل آءِ جي ثناءَ الله عباسي، اي ڊي خواجه ۽ سلطان خواجه پاران عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي وئي. ثناءَ الله عباسي ۽ ٻين پوليس آفيسرن عدالت کي ٻڌايو ته آءِ جي سنڌ پاران مختلف طريقن سان دٻاءُ وڏو پيو وڃي کين شوڪاز جاري ڪري اي سي آر خراب ڪئي وئي آهي. ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته ثناءَ الله عباسي ذاتي سببن جي ڪري الزام هڻي رهيو آهي ۽ اهي ٻئي آفيسر غيرقانوني طور تي پوليس ۾ ضم ڪيا ويا . ٻڌڻي دوران عدالت چيف سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ته هو سنڌ حڪومت کان ملوثن خلاف ڪارروائي ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت هدايت وٺي عدالت کي چيمبر ۾ آگاهه ڪري، جنهن بعد اوپن ڪورٽ ۾ فيصلو ٻڌايو ويندو. ٻڌڻي دوران جسٽس امير هاني مسلم آءِ جي سنڌ سان مخاطب ٿيندي رمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ سنڏ حڪومت جي درخواست تي جاچ جو حڪم ڏنو هو، جڏهن ته اوهان پهريان ڊي آءِ جي آفتاب پٺاڻ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ۽ هاڻي وري ثناءَ الله عباسي کي شوڪاز ڏنو آهي. جسٽس امير هاني مسلم آءِ جي سنڌ سان مخاطب ٿيندي رمارڪس ڏنا ته ثناءُ الله عباسي کي جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس واپس وٺو ۽ اوهان انهن شين کان پري رهو. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل آءِ جي ثناءَ الله عباسي عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته مٿن دٻاءُ وڌو پيو وڃي، جڏهن ته شوڪاز جاري ڪري سندس اي سر آر خراب ڪئي پئي وڃي. عدالت سنڌ حڪومت کي ايڊيشنل آءِ جي ثناءَ الله عباسي جي پيش ڪيل رپورٽ تي ڪارروائي جو حڪم پڻ ڏنو. ان کان اڳ آءِ جي سنڌ جي وڪيل عرفان قادر عدالت دليل ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو . عدالت ۾ آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي، سنڌ جي چيف سيڪريٽري محمد صديق ميمڻ ۽ گهرو سيڪريٽري پيش ٿيا. آءِ جي سنڌ جي وڪيل عرفان قادر دليل ڏيڻ شروع ڪيا ته ان کي عدالت روڪيندي چيو ته اوهان جو لائسنس معطل آهي. عرفان قادر چيو ته پاڪستان با ڪائونسل ايڪٽ ۾ ترميم کانپوءِ ٽن مهينن کان وڌيڪ لائسنس معطل نه ٿو ڪري سگهجي، جڏهن ته هن جو لائسنس هڪ سال پهريان معطل ڪيو ويو هو، جيڪو هاڻي بحال ٿي چڪو آهي. عدالت عرفان قادر جي موقف تي اتفاق نه ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي. لائسنس معطل آهي. عرفان قادر چيو ته پاڪستان با ڪائونسل ايڪٽ ۾ ترميم کانپوءِ ٽن مهينن کان وڌيڪ لائسنس معطل نه ٿو ڪري سگهجي، جڏهن ته هن جو لائسنس هڪ سال پهريان معطل ڪيو ويو هو، جيڪو هاڻي بحال ٿي چڪو آهي. عدالت عرفان قادر جي موقف تي اتفاق نه ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *