سنڌ سرڪار سي سي آءِ ۾ نون ڊيمن جي مخالفت ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان جي وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت هيٺ اڄ اسلام آباد ۾ ٿيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) واري اجلاس سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سنڌ صوبي جو ڀرپور دفاع ڪندي نون ڊيمن جي سخت ۾ مخالفت ڪئي ۽ وفاقي حڪومت تي آدمشماري ڪرائڻ تي زور ڀريو. وزير اعليٰ هائوس مان جاري ٿيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وفاقي پاڻي ۽ بجلي واري وزارت ڏهه سالن جي نيشنل فلڊ پروٽيڪشن پلان VI پيش ڪيو جنهن ۾ ٻوڏ واري وقت پاڻي ئي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪالاباغ ڊيم ۽ اکوڙي ڊيم جي تعمير جي ڀرپور حمايت ڪئي وئي. وڏي وزير ان تي اصولي موقف اختيار ڪندي چيو ته سنڌ ۽ خيرپختون خواه جون حڪومتون ۽ اسيمبليون اڳ ئي ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪري چڪيون آهن، اهي فلڊ پلان بيوروڪريسي جو بڻايل لڳي ٿو نه ته ٻئي صورت ۾ پاڻي ۽ بجليءَ واري وفاقي وزير سياستدان هئڻ ڪري ان کي سي سي آءِ ۾  آڻڻ جي منظوري نه ڏئي هان. هن چيو ته 1991ع جي پاڻي معاهدي ۾ ڪٿي به ڪنهن نئين ڊيم بڻائڻ جو ڪو ذڪر نه آهي. پاڻي ۽ بجلي واري وزارت اجلاس ۾ اهي دليل ڏنا ته ملڪ ۾ مسلسل ٻوڏ اچي رهي آهي ۽ ٻوڏ واري پاڻيءَ کي گڏ ڪرڻ جو واحد طريقو ڪالاباغ ڊيم ۽ اکوڙي ڊيم جي تعمير وارا منصوبا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 2010ع ۾ ٻوڏ ۽ 2011ع جي برساتن کان سواءِ ملڪ ۾ گذريل پنجن ورهين ۾ ڪا وڏي ٻوڏ نه آئي آهي. حالانڪ ٿرپارڪر سميت صوبي جي مختلف ضلعن ۾ ڏڪار واري صورتحال آهي. سنڌ سرڪار ڪاڇي، ڪوهستان ۽ ٻين ريگستاني علائقن ۾ رهندڙن ماڻهن کي ڪڻڪ ۽ کائڻ پيئڻ جون ٻيون شيون فراهم ڪرڻ لاءِ پنج ارب رپيا خرچ ڪيا آهن ۽ ان صورتحال ۾ ٻوڏ جي واري مفروضي تي نون ڊيمن جي اجازت ڪئين ڏئي سگهجي ٿي؟ ان تي وزير اعظم پاڪستان نواز شريف پاليسي فيصلو ڪندي ڪالاباغ ڊيم ۽ اکوڙي ڊيم جي تجويزن کي ملتوي ڪري ڇڏيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چوٿين قومي ٻوڏ واري تحفظي پلان (نيشنل فلڊ پروٽيڪشن پلان VI) بابت ڳالهائيندي چيو ته گذريل ٽن پلانن کي وفاقي حڪومت طرفان فنڊنگ ڪئي وئي جڏهن ته ان چوٿين پلان لاءِ صوبائي حڪومتن کي 177 ارب رپين جو خرچ برداشت ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي، جيئن ته اهو هڪ قومي پلان آهي انڪري مرڪز کي ئي خرچ ڪرڻ گهرجي. وزير اعظم پاڪستان پاليسي فيصلو ڪندي پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کي نيشنل فلڊ پروٽيڪشن پلان VI جي حوالي سان چئني وڏن وزيرن کي بريفنگ ڏيڻ جي هدايت ڪئي، جنهن بعد ان معاملي تي ايندڙ اجلاس ۾ بحث ڪيو ويندو. آدمشماري ڪرائڻ واري معاملي تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته سنڌ صوبي ۾ سڀ کان پهرين آدمشماري ڪرائي وڃي. وزير اعظم چيو ته آرمي چيف آدمشماريءَ لاءِ ٽي لک کان وڌيڪ نوجوانن ڏيڻ جي بندوبست کان معذرت ڪئي آهي، انڪري آدمشماري ڪجهه وقت کان پوءِ ڪرائي ويندي. ان تي سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم تي زور ڀريو ته هُو گهٽ ۾ گهٽ آدمشماريءَ جي مهيني ۽ تاريخ جو اعلان ئي ڪري ڇڏي جنهن تي وزير اعظم کين يقين ڏياريو ته آدمشماري 2016ع ۾ ئي ڪرائي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *