سنڌ سرڪار سنڌ ۾ 70 نوان ٿاڻا قائم ڪرڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي

ڪراچي (اين اين آءِ) آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي جي صدارت هيٺ ڪراچي پوليس آفيس ۾ ٿيل هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ايديشنل آءِ جي ڪراچي، ايڊيشنل آءِ جي ڪرائيمز، تمام زونل/ رينج جي ڊي آءِ جي سميت ضلعي ايس ايس ايس پيز ۽ ٻين سينيئر پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي آءِ جي سنڌ ان موقعي تي پوليس جي جملي ڪارڪردگي پوليس معاملن ۾ بهتري پوليس سڌارن تحت شهرين سان پوليس ورتاءُ عام مفاد لاءِ يقيني قدم، پوليس کاتي جي وقار کي بلند رکڻ، ڪميونٽيز سان لاڳاپن جهڙن قدمن تي ٻڌل سفارشن سميت نيشنل ايڪشن پلان ۽ ڪراچي آپريشنز ۾ پوليس پروگريس، روپوش اشهتاري جوابدارن خلاف جاري مهم اسٽريٽ ڪرائيم جي حوالي سان روڪٿام قدمن کان علاوه سنڌ حڪومت پاران صوبي ۾ 100 نوان ٿاڻا قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ مختلف هنڌ چونڊڻ جهڙي تفصيل کان جائزو ورتو ويو اجلاس کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جي مختلف چونڊيل هنڌن تي 30 نوان ٿاڻي جڏهن ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ 70 نوان ٿاڻا قائم ڪرڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي آءِ جي سنڌ صوبن ۾ ڏوهن کي ٻنجو ڏيڻ ملوث گروپن خلاف جاري نيشنل ايڪشن پلان ۽ ڪراچي آپريشن تهت پوليس جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *