سنڌ سرڪار زمينن تي قبضن جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ حڪومت سرڪاري زمين تي قبضي بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، رپورٽ سنڌ حڪومت جي روينيو کاتي جمع ڪرائي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت جي اٽڪل 59 هزار 803 ايڪڙ زمين تي اڃاتائين مختلف شخصيتن ۽ کاتن جو قبضو آهي، 52 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي سرڪاري ادارن جو قبضو برقرار آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 8 هزار ايڪڙ تي نجي ادارا ۽ ماڻهو قابض آهن، قبضو ڪندڙن ۾ عسڪري، وفاقي، صوبائي ۽ مڪاني ادارا شامل آهن، گذريل ڪجهه مهينن ۾ صرف 2864 ايڪڙ زمين قبضي مان ڇڏائي وئي آهي، سنڌ حڪومت جي زمين تي قبضي جو انڪشاف 2013 ۾ سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ ڪيو ويو هو، رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته زمين تي قبضو ختم ڪرڻ بابت ڪيترائي ادارا ڪو به جواب ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن، سنڌ حڪومت کربين رپين جي سرڪاري زمين تان قبضو نه ڇڏائي سگهي ۽ نه ئي قيمت وصول ڪري سهگي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *