سنڌ سروسز تي سيلز ٽيڪس اوڳاڙي ڪري رهي آهي ۽ هلندڙ سال اوڳاڙي جو حدف 2 سئو بلين رپيا رکيو آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سيلز ٽيڪس جي مجموعي وصولين وارو ڪم صوبن حوالي ڪيو وڃي، صوبا ٽيڪس ڏيندڙن جي ويجهو هئڻ سان وفاقي حڪومت کان بهتر وصولي ڪري سگهن ٿا. سنڌ حڪومت خدمتن تي سيلز ٽيڪس جي محصولن ۾ وفاقي حڪومت کان بهتر ڪم ڪري پئي. سنڌ حڪومت خدمتن تي ٽيڪس وصولي ڪندو آهي. هلندڙ مالي سال سنڌ حڪومت کي ٽيڪس جي ڏس ۾ 200 بلين جي هدفن کي حاصل ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اڄ هن وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪوٺايل آئي ايم ايف IMF جي ملڪي نمائندي مسٽر توقير مرزيو MR. Tokhir Mirzoev سان ملاقات ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، ناڻي وارو سيڪريٽري حسن نقوي ۽ آئي ايم ايف جا عملدار پڻ موجود هئا. وڏي وزير چيو ته صوبائي محصولي ادارو سنڌ روينيو بورڊ (SRB) هن سال 78 بلين وصول ڪيا آهن جڏهن ته ايڪسائيز کاتي 58 بلين گڏ ڪيا آهن، فقط بورڊ آف روينيو (BoR) جا هدف ڪجهه گهٽ رهيا آهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت پنهنجا هدف پورا نه ٿي ڪري سگهي ته ڪيش فلو مينيجمنٽ ۾ صوبن تي اثر پوندو آهي. هن چيو ته هلندڙ سال 200 بلين جي هدفن کي حاصل ڪرڻو آهي جيڪو اسان وصول ڪري وينداسين. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت پراپرٽي ٽيڪس کي وڌيڪ مضبوط ۽ فعال بڻائڻ لاءِ ضلعي سطح تي اختيار منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پراپرٽي ٽيڪس ۾ وڏي صلاحيت موجود آهي، انهن جي اصلاحاتن ۾ بهتر وصولي ٿيندي. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي انهيءَ جي قيام جي مقصد کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن هيٺين سطح تي عوام جي مسئلن کي حل ڪجي ۽ عوام کي ريليف ميسر ٿي سگهي. آخر ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت مؤثر ۽ منظم مالي انتظامن کي بهتر ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *