سنڌ حڪومت 6 هزار ڊاڪٽرن جي ڀرتي جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو تحريري ٽيسٽ پاس ڪندڙ ڇهه هزار ڊاڪٽرن جي مقرريءَ واري سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ صحت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته سندن آفر ليٽر جاري ڪيا وڃن. هن اها ڳالهه اڄ نيو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ صبح ساڍي اٺين وڳي صحت کاتي جي پاليسين ۽ ترقياتي رٿائن بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ صحت وارو وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ محمد وسيم، سيڪريٽري صحت فضل الله پيچوهو، ناڻي وارو سيڪريٽري حسن نقوي ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر موجود هئا. صوبائي صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌري وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ميڊيڪل آفيسر گريڊ 17 جي 8128 سينڪشن پوسٽ آهن جن ۾ 6765 مرد ۽ 1363 عورتون شامل آهن، جنهن مان هن وقت 4243 ڊاڪٽر ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن سان اها خبر پوي ٿي ته 3885 ڊاڪٽرن بشمول 3329 مرد ۽ 556 عورتن جون پوسٽون خالي آهن. هن چيو ته مان اهو چاهيان ٿو ته 3885 پوسٽن مان 377 پوسٽون 2014ع ۾ ڪانٽريڪٽ جي بنيادن تي ڀريون ويون. سيڪريٽري صحت ڊاڪٽر فضل الله پيچوهي چيو ته 3508 ميڊيڪل آفيسرن جو سيٽون خالي آهن ۽ 3175 پوسٽون وڌيڪ پيدا ڪيون ويون آهن، اهڙي ريت گڏيل طور سموري صوبي ۾ 6683 ميڊيڪل آفيسرن جو پوسٽون خالي آهن. وڏي وزير سيڪريٽري صحت کي هدايتون جاري ڪيون ته جن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو تحريري امتحان پاس ڪيو آهي انهن سمورن ميڊيڪل آفيسرن کي آفر ليٽر جاري ڪيا وڃن. سيڪريٽري صحت چيو ته هن ان مقصد لاءِ اوهان وٽ سمري موڪلي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سمري گهرائي انهيءَ وقت سمريءَ تي صحيح ڪري ڇڏي ۽ صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته اهي انهن نون ڊاڪٽرن جي مقرريءَ لاءِ تفصيلي منصوبو تيار ڪيو وڃي ۽ انهن کي آفر ليٽر جاري ڪيا وڃن. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته اوهان صحت کاتي وارا ڪجهه راتيون ننڊ آرام نه ڪريون ۽ نون آفيسرن جا پوسٽنگ پلان تيار ڪيا وڃن. وڏي وزير صحت کاتي کي اها به هدايت ڪئي ته هُو 2014ع ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيندڙ 377 ڊاڪٽرن جي خدمتن کي مستقل ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته نون ميڊيڪل آفيسرن کي لازمي طور تي ٻهراڙي وارن علائقن جتي انهن جي گهرج هجي اتي مقرر ڪيو وڃي. هن چيو ته نون مقرر ٿيندڙ ڊاڪٽرن کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال هائر ايجوڪيشن لاءِ نه موڪل ڏني وڃي ۽ نه ئي انهن جي بدلي ڪئي وڃي. وڏي وزير ان ڳالهه تي پنهنجي ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو ته سندس واضح هدايت ۽ اسيمبليءَ جي فلور تي اعلان باوجود ڇهه هزار ميڊيڪل آفيسرن جي مقرريءَ ۾ غيرضروري دير ڪئي وئي ۽ ان سان حڪومت جي ڪارڪردگي متاثر ٿي. هن چيو ته هُو ڪا غيرقانوني ڳالهه نه پيو ڪري، انهن ڊاڪٽرن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مان تحريري ٽيسٽ پاس ڪيو آهي ۽ انهن جي خدمتن جي تمام گهڻي گهرج آهي ڇاڪاڻ ته اسپتالن ۾ سمورا ضروري اوزار ته موجود آهن پر اتي ڊاڪٽر نه آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هڪ ٻيو پاليسي فيصلو ڪندي چيو ته ڪنهن به اسڪول ۽ اسپتال جي صوبائي ايس اين اِي جي منظوري ڏني ويندي، ان جو هڪ اهو ئي طريقو آهي ته اسڪولن ۽ اسپتالن کي فنڪشنل بڻايو وڃي. هن صحت کاتي جي ترقياتي رٿائن جو به جائزو ورتو. چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ محمد وسيم چيو ته صحت کاتي جو 14 بلين رپين جو ترقياتي بجيٽ آهي جنهن ۾ 9368.75 ملين رپيا 89 جاري رٿائن ۽ 4631.250 ملين رپيا 57 نئين رٿائن لاءِ آهن. هن چيو ته حڪومت صحت کاتي لاءِ مختص ڪيل 14 بلين رپيا مان 6480.526 ملين رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن. جنهن مان صحت کاتي رڳو 2268.678 ملين رپيا استعمال ڪيا آهن. ان تي وڏي وزير سيڪريٽري صحت فضل الله پيچوهي کي هدايت ڪئي ته هُو سمورين رٿائن جي بروقت تڪميل کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته مان ڄاڻان ٿو ته اوهان جي ويجهڙائيءَ ۾ صحت کاتي ۾ بدلي ٿي آهي انڪري اوهان سمورن ترقياتي معاملن کي ڏسو ۽ انهن رٿائن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرايو. هن چيو ته حڪومت صحت کاتي جي بجيٽ ۾ واڌ ڪئي آهي انڪري لازمي طور تي اهي فائدا سنڌ جي عوام تائين پهچڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *