سنڌ حڪومت ۾ تبديلي پي ٽي آءِ قيادت لاءِ ڀوائتو خواب ثابت ٿيو ، ھاڻ جادوئي ٽوٽڪن تي لهي آيا آهن: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ سنڌ جي صوبائي حڪومت ۾ تبديلي پي ٽي آءِ جي قيادت لاءِ ھڪ ڀوائتو خواب ثابت ٿيو آھي، ھاڻ اھي جادوئي ٽوٽڪا استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن پر انھن جا اھي جادوئي ٽوٽڪا سنڌ ۾ ڪم نھ ٿا ڪري سگھن. ھن اھا ڳالھھ اڄ ٻن مختلف ھنڌن الجامع سيفيھ المھلات البرھانيھ جو دورو ڪرڻ ۽ ان بعد تعمير ھيٺ شھيد ملت انڊرپاس، طارق روڊ انٽرسيڪشن انڊرپاس جو معائنو ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيون. ان موقعي تي مڪاني ادارن وارو صوبائي وزير سعيد غني ۽ سڌسماءَ وارو صلاحڪار مرتضيٰ وھاب سندس گڏ ھئا. وڏي وزير ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو تھ پي ٽي آءِ جي قيادت جو خواب جو سنڌ ۾ تبديلي آندي وڃي پر انھن جو اھو خواب ڪڏھن بھ پورو نھ ٿيندو ڇاڪاڻ تھ انھن جي صوبائي اسيمبليءَ ۾ انگن واري اڪثريت نھ آھي. انھن ھاڻ جادوئي ٽوٽڪن بابت ڳالھائي رھيا آھن ۽ کيڏندا رھيا آھن جنھن تحت انھن مرڪز ۾ حڪومت بڻائي آھي. ھن خوشگوار پر تنقيدي انداز ۾ چيو تھ سندس چوڻ آھي تھ انھن جا جادوئي ٽوٽڪا سنڌ ۾ ڪم نٿا ڪري سگھن. ھن چيو تھ وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت خلاف سازش ڪري رھي آھي. ھن چيو تھ جيڪڏھن اوھان صوبن کي ڪمزور ڪري رھيا آھيو تھ ان جو مطلب تھ اوھان وفاق کي ڪمزور ڪري رھيا آھيو، ھن اھا ڳالھھ وفاقي حڪومت کي واضح طور ٻڌائيندي ڪئي. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ مراد علي شاھھ چيو تھ اھو شخص جنھن کي حڪومت جو ڪوبھ تجربو نھ آھي ۽ ان کي ان جي سسٽم وزيراعظم بڻايو آھي. ھن چيو تھ ھاڻي طاقت جي نشي ۾ ھن (وزيراعظم) پاڪستان جي ماڻھن تي تجربا ڪرڻ شروع ڪيا آھن. ھن چيو تھ ھن پنھنجي پھرين تجربي ۾ ملڪ اندر اگھن ۾ تمام گھڻي واڌ ڪندي غريب ماڻھن جي منھن مان مانيءَ جو ڳڀو پڻ کسي ورتو آھي. مراد عيل شاھھ چيو تھ وزيراعظم ھر ھڪ کي چور ۽ ڌاڙيل سمجھي پيو پر ھُو اھا ڳالھھ وساري ڇڏي آھي تھ ھن پاڻ نيب ڪيسن کي منھن ڏنو آھي. ھن چيو تھ اوھان ھاڻي ڪڏھن بھ ماڻھن تي ڌٻاءُ وجھي حڪومت ڪري سگھو ٿا ۽ نھ ئي آواز ڌٻائي سگھو ٿا پر اوھان کي گھرجي تھ سڀني سان سٺي ريت واري برتاءَ سان پيش اچو ۽ حڪمران طور تي پيش اچو. ھن چيو تھ ڌمڪين ۽ ڌٻاءَ ذريعي ماڻھن کي خاموش ۽ انھن جي حقن لاءِ اٿندڙ آواز کي روڪي نھ ٿا سگھو. ھڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو تھ ھُو ذاتي طور ت ايمنسٽي اسڪيمن جي خلاف آھي ڇاڪاڻ تھ انھن اسڪيمن تحت حڪومت غيرقانوني طريقي سان حاصل ڪيل دولت کي قانوني شڪل ڏيندا آھن. ھن چيو تھ سياستدانن کي اسڪيم مان فائدو حاصل ڪرڻ جو حق نھ آھي. ھن چيو تھ جڏھن انھن جي ايمنسٽي اسڪيم ناڪام ٿي ويندي تھ اھي ماڻھن جي گھرن تي چڙھائي شروع ڪندا. ھن چيو تھ اھڙي قسم جي ماحول ۾ ماڻھو خوف محسوس ڪري رھيا آھن ۽ ماڻھن سندن سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار ٻين ملڪن ڏانھن منتقل ڪرڻ شروع ڪندا.راڻا ثناءَ اللھ جي گرفتاريءَ بابت ھڪ سوال جي جواب ۾ سيد مراد علي شاھھ مذمت ڪندي چيو تھ اھڙي قسم جي سياسي انتقام سان حڪومت جي ساک وڌيڪ متاثر ٿيندي. ھن چيو تھ اوھان (وزيراعظم) ھڪ آمر وانگر ڪم ڪري رھيا آھيو ۽ سياسي ماڻھن کي ھاڃو پھچائي رھيا آھيو ۽ اھا چڱي ڳالھھ نھ آھي ۽ ان جو خاتمو سنگين صورتحال تي ٿيندو. مراد علي شاھھ چيو تھ رانا ثناءُ اللھ جي گرفتاري وزيراعظم جي خلاف چارج شيٽ ثابت ٿيندي.ڪراچيءَ ۾ ھڪ سياسي جماعت پاران سنڌ حڪومت خلاف بينر لڳائڻ بابت ھڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو تھ اھي ھڪ ڀيرو ڪراچيءَ جي ماڻھن کي ھاءِ جيڪ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رھيا آھن. ھن چيو تھ انھن ڪڏھن بھ ھن شھر جي ماڻھن جي حقن لاءِ آواز بلند نھ ڪئي آھي پر انھن سدائين سندن ووٽن کي مايوس ڪيو آھي. ھن چيو تھ سندس حڪومت شھر ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ ڪوشان آھي ۽ ماڻھن جي خدمت بنا فرق جي ڪري رھي آھي. ھن چيو تھ اسان کي ڄاڻ آھي تھ اسان جو شھيد ملت واري علائقي طارق روڊ، يونيورسٽي روڊ، شاھراھھ فيصل ۽ شھر جي مختلف علائقن مان ڪوبھ ايم پي اي نھ آھي پر ان جي باوجود اسان روڊن جو نيٽورڪ ٻيھر بڻائي رھيا آھيون، پاڻيءَ جون نيون لائينون وڇائي رھيا آھيون ۽ مخلص طريقي سان ماڻھن جي ٻين مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رھيا آھيون. انھن ماڻھن (جن سندس حڪومت خلاف بينر لڳايا آھن) ھميشھ غير تعميري نفرت پکيڙي آھي ۽ شھر ۾ عدم استحام واري سياست ڪئي آھي ۽ اھو ھڪ کليل راز آھي. ھن چيو تھ ڪراچيءَ جا رھواسي پنھنجن دوست کي سڃاڻيندا آھن ۽ اھي ڪڏھن بھ انھن جي فريب ۽ دوکي ۾ نھ ايندا. ھن چيو تھ سندس ھن شھر جا سمورا مسئلا جھڙوڪ پاڻي، صفائي، نڪاسيءَ آب کي حل ڪندو ۽ سيڙپڪاريءَ واري ماحول کي بھتر بڻائيندو. مراد علي شاھھ چيو تھ سندس ضلعي وسطيءَ جو دورو ڪيو آھي جيڪو گند ڪچري ۾ ڀريل آھي. ھن پڇا ڪئي تھ ڊي ايم سي سينٽرل جو چيئرمين ڪير آھي؟ ايم ڪيو ايم جو آھي. ھن چيو تھ اسان انھن کي فنڊ فراھم ڪيا آھن ۽ انھن جا پنھنجا وسيلا آھن ۽ صفائي سٿرائيءَ جي حوالي سان وڏي انگ ۾ عملو پڻ آھي تھ پوءِ اھي ڇو نھ پنھنجي چيئرمين کان صفائيءَ بابت پڇا نھ پيا ڪن. ھن چيو تھ اھا سياست آھي ۽ اھي ماڻھو ٻين ماڻھن جي چوڻ تي کيڏي رھيا آھن.ڪي ايم سي جي ڪارڪردگيءَ بابت وڏي وزير چيو تھ اھي گذريل ڪيترن ئي ورھين کان پنھنجو روينيو جي ھدف کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رھيا آھن. ھن چيو تھ روينيو جا نوان وسيلا تلاش ڪيا وڃن ۽ ان ۾ اضافو ڪيو وڃي ۽ وصولين جو ھدف حاصل ڪيو وڃي. ھُو (ميئر) سدائين پنھنجي ناڪامين کي لڪائڻ لاءِ سنڌ حڪومت تي الزام مڙھندو آھي. ھن چيو تھ ڪي ايم سي پنھنجي غيرترقياتي خرچ ۽ سندن وڌيڪ ڀرتي ڪيل عملي، سندن فنڊن ۽ وسيلن کي مناسب استعمال بدران انھن پنھنجون اکيون صوبائي حڪومت تي رکيون آھن جيڪو غلط آھي. ھن چيو تھ وفاقي حڪومت کي پنھنجي وصولين ۾ شارٽ فال کي منھن ڏئي رھي آھي ان ڪري انھن صوبي ڏانھن گھٽ فنڊ منتقل ڪيا آھن. ھن چيو تھ اسان مالي ڏکيائين کي منھن ڏئي رھيا آھيون پر ان جي باوجود ڪي ايم سي خاطرخواھھ فنڊ ڏنا آھن تھ جيئن اھي ھن شھر جي ماڻھن جي خدمت ڪري سگھن پر اھي (ڪي ايم سي) ھن شھر جي ماڻھن جي خدمت ڪرڻ ۾ مخلص نھ آھي. ھن چيو تھ عدالت سنڌ حڪومت کي چيو آھي تھ اھي مارچ تائين جا ڪي ايم سي جا 580 ملين رپين جي بجليءَ جي بلن جي ادائيگيءَ لاءِ طريقيڪار واضح ڪيو وڃي. ھن چيو تھ صوبائي حڪومت 580 ملين رپين جي بجلي جي بلن جي مد ۾ 320 ملين رپيا ادا ڪري ڇڏيا آھن ۽ باقي رھيل رقم بھ ادا ڪئي ويندي پر صوبائي حڪومت ڪي ايم سي جا بجلي بل ادا ڪندي رھندي. ھن سوال ڪيو تھ ڪي ايم سي ڇو پنھنجا ذريعا استعمال نھ ٿي ڪري. ھن چيو تھ وزيراعظم ڪراچيءَ لاءِ 65 بلين رپين جي پيڪج جو اعلان ڪيو ھو ۽ پي ٽي آءِ جي ڪجھھ ميمبرن 45 بلين رپيا آڻڻ جي دعوا پڻ ڪئي پر جڏھن بجيٽ آيو تھ اھو 12 بلين تائين محدود رھيو. ھن چيو تھ اوھان ڇو تھ اسان جي وفاقي حڪومت کان پنھنجو جائز حصو وٺڻ جي حوالي سان مدد ڪري رھيا آيھو، ھن اھو سوال ايم ڪيو ايم جي قيادت سان ڪيو. ھن چيو تھ ايم ڪيو ايم جا چونڊيل نمائندا ڇو نھ ڪي فور بابت حڪومت سان ڳالھائن جنھن جي وفاقي حڪومت فنڊنگ روڪي ڇڏي آھي،. ھن چيو تھ ھن وقت 400 کان 450 ايم جي ڊي پاڻي شھر کي فراھم ٿي رھيو آھي جڏھن تھ ان جي مقابلي ۾ شھر جي ضرورت 1200 ايم جي ڊي آھي. ھن چيو تھ پاڻيءَ جي کوٽ جي ان مسئلي جو حل رڳو ڪي فور رٿا جي تڪميل آھي. مراد علي شاھھ چيو تھ وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان گڏ ڪي فور ۽ ٻين رٿائن تي ڳالھائڻ لاءِ تيار نھ آھي.ھڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو تھ سندس خورشيد جمالي (خانگي پاور پلانٽ ڪنسلٽنٽ) بابت ڪابھ ڄاڻ نھ آھي تھ ھن نيب سان پلي بارگين لاءِ درخواست ڪئي آھي. ھن چيو تھ مون پاور پلانٽ جي حوالي سان ڪجھھ بھ نھ ڪيو آھي. ھن چيو تھ مان ان وقت رڳو صوبائي وزير ھيم نھ ئي مون پاور پلانٽ جي پروڪيومنٽ يا لڳائڻ شروع ڪيو ھو. ھن چيو تھ ڪجھھ سياسي اداڪار سندس خلاف بي بنياد پروپيگنڊا ڪري رھيا آھن. ھن چيو تھ مان اھڙي قسم جي پروپيگنڊا سان ڊنل نھ آھيان ڇاڪاڻ تھ ان جي ڪابھ بنياد نھ آھي.ھڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو تھ مون ٻڌو آھي تھ پي ٽي آءِ سندس خلاف اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان درخواست داخل ڪئي آھي تھ گھوٽڪيءَ ۾ ننڍي چونڊن جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي. ھن چيو تھ مون ڄام سيف اللھ ڌاريجو جي ڪراچيءَ ۾ واقع گھر ويو وڃڻ ٿيو جتي ھن پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ھن چيو تھ اسان انھن جي گھوٽڪي ۾ واقع گھر نھ ويا ھئاسين تھ ڪيئن ضابطھ اخلاق جي ڀڃڪڙي ٿي. ھن چيو تھ سندس جيڪڏھن اي سي پي کين خط موڪليو تھ ھُو ان جو جواب ڏيندو. ھن چيو تھ جڏھن اليڪشن جي شيڊول جو اعلان ڪيو تھ وزيراعظم گھوٽڪي ويو ۽ وفاقي وزير علي محمد خان مھر جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. ھن چيو تھ اھو ضابطھ اخلاق جي ڀڃڪڙي ھئي.انھيءَ کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ تعمير ٿيندڙ شھيد ملت، طارق روڊ، انٽرسيڪشن جو دورو ڪيو ۽ ھلندڙ ڪم ۽ ڪم جي معيار جو معائنو ڪيو. وڏي وزير کي پروجيڪٽ تي ٿيندڙ ڪمن جي حوالي سان تفصيلي آگاھي ڏني وئي. اھو منصوبو 437 ملين رپين جي لاڳت سان شروع ڪيو ويو ۽ ان جو اٽڪل 75 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو آھي. وڏي وزير پروجيڪٽ ڊائريڪٽر نياز سومرو کي ھدايت ڪئي تھ ھُو آگسٽ 2019 تائين ھن رٿا کي مڪمل ڪيو وڃي. ھن حيدر علي انٽرسيڪشن تي تعمير ٿيندڙ انڊرپاس جو پڻ دورو ڪيو جيڪو 478 ملين رپين جي لاڳت سان شروع ڪيو ويو آھي، وڏي وزير کي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر نياز سومرو تفصيلي بريفنگ ڏني. ان رٿا جو 60 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو آھي ۽ اھو نومبر 2019ع جي شروع ۾ مڪمل ٿي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *