سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بينڪ جو سنڌ هيومن ڪيپٽل انويسٽمينٽ پروجيڪٽ شروع ڪرڻ تي اتفاق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنهاسين جي اڳواڻي ۾ سندس ٽيم سان ورچوئل اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ پنجن مرحلن تي ٻڌلـ 400 ملين ڊالر جو سنڌ هيومن ڪيپيٽل انويسٽمنٽ منصوبي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ حڪومت ۽ عالمي بينڪ پنهنجن سمورن ڪاغذن کي مڪمل ڪندي منصوبي کي حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي ته جيئن ايندڙ مالي سال کان اهو منصوبو شروع ٿي سگهي. وڏي وزير جي معاونت صوبائي وزيرن ۾ ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، اسماعيل راهو، سعيد غني، ناصر شاهه، سهيل انور سيال، چيئرپرسن پي اينڊ ڊي شيرين ناريجو، پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ڪمشنر ڪراچي نويد شيخ، سيڪريٽري ناڻو حسن نقوي، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن احمد بخش ناريجو، سيڪريٽري بلديات نجم شاهه، سيڪريٽري صحت ڪاظم جتوئي، سيڪريٽري زراعت رحيم سومرو ۽ ٻين ڪئي. هي هڪ 400 ملين ڊالر جو منصوبو آهي جنهن ۾ ورلڊ بينڪ بجيٽ جو 85 سيڪڙو ۽ صوبائي حڪومت 15 سيڪڙو فنڊنگ  ڪنڊي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته منصوبي کي ”سنڌ 1000 ڊيز پلس پروگرام“ جو نالي ڏنو ويو آهي جنهن جو مقصد يونيورسل هيلٿ ڪوريج لاءِ انٽيگريٽيڊ هيلٿ ڪيئر سروسز جي سار سنڀال کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته هيومن ڪيپيٽل کي مربوط صحت، ابتدائي تعليم، بالغ خواندگي، عورتن جي معاشي سڌاري لاءِ مهارت جي ترقي ۽ هڪ سوشل رجسٽري ذريعي ترقي ڪئي ويندي. هن چيو ته اسان ماحولياتي ۽ سماجي اثرن جو جائزو وٺي رهيا آهيون. مراد علي شاهه چيو ته چونڊيل اسڪيم پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) تحت سوشل رجسٽري، اسڪل ڊولپمينٽ، ايمبولينس ، مائڪرو فنانس، ٽيلي هيلٿ ۽ ٻين تي لاڳو ڪئي ويندي. منصوبي جي تفصيل تي بحث ڪندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 30 ضلعن مان 271 يونين ڪائونسلون چونڊيون ويون.  هن چيو ته چونڊ، ڏورانهن علائقن جهڙوڪ ريگستان، ڊيلٽا، ريورائن، جابلو، نارا، اڇڙو ٿر ۽ ايريڊزون تي ٻڌل آهي ۽ ان لاءِ ضلعن جي صحت کاتي جي آفيسن مان ڊيٽا گڏ ڪيو ويو. مراد علي شاهه جي مطابق ٽوٽل 1093 سرڪاري ڊسپينسري (GDs) مان 293 کي ٻن مرحلن جي بنياد تي چونڊيو ويو هڪ جي ڊي بيسڪ هيلٿ يونٽ BHU) جيڪي جي ڊيز کان 4 ڪلوميٽر جي وٿيءَ تي واقع آهي ٻيو نمبر جي ڊي اها آهي جتي ليڊي هيلٿ ورڪرز جي ڪا ڪوريج ناهي.  هن نشاندهي ڪئي ته هر هڪ جي ڊي BHU کان نو ڪلوميٽر جي وٿيءَ تي آهي. پروگرام شروع ڪرڻ کان اڳ مون چيو هو ته پنجن ضلعن ٿرپارڪر، ٺٽو، سجاول، ڄامشورو، قمبر-شهدادڪوٽ ۾ 93 جي ڊيز کي ڪور ڪيو ويندو جڏهن ته باقي ابتدائي پروگرام جي هڪ سال کانپوءِ ڪور ڪيو ويندو. 18-2017 ۾ ڪيل تحقيق مطابق صحت جو خيال نه رکندڙ جي بنيادي سببن مان هڪ صحت جي سهولتن جو فاصلي تي هجڻ به آهي. ان معاملي ۾ رڪاوٽ نوجوان، بيواهن، طلاق يافته، ڏورانهين علائقن، اڻ پڙهيل عورتن ۽ گهٽ مالدار ڪوئنٽائل جي لحاظ کان وڌيڪ آهي. تحقيق مان معلوم ٿيو ته ٻارڙا جيڪي هڪ ڪلوميٽر کان پنج ڪلوميٽر پري رهندا آهن انهن ۾ فوتگي جي خطرو 17 سيڪڙو وڌيڪ آهي. وٿيءَ صحت جي سهولتن جي استعمال کي متاثر ڪرڻ جو سڀ کان اهم عنصر آهي. تنهن تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ هڪ فعال سهولت (BHU) اوسطاً هڪ جي ڊيز کان نو ڪلوميٽر پري آهي جيڪي ڪميونٽي جي ويجهو آهي. صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته 293 ڊسپينسريون 9.744 ملين آبادي کي مستفيد ڪنديون. جي ڊي کي 88 ايمبولينسن ذريعي ضلعي صحت جي نظام سان جهڙوڪ DHQ ، THQ ، RHC ۽ BHU سان ڳنڍيندي مضبوط ڪيو ويو آهي يعني پنج ڊسپينسرين جي ڪلسٽر لاءِ هڪ ايمبولنس هوندي. منصوبي جا ٻه مرحلا آهن، 203 ملين ڊالر جي ري پروڊڪٽيو، ميٽرنل، ٻارن جي پيدائش، ٻارن جي صحت جو پروگرام (RMNCH) ۽ 2 ملين ڊالر جو ميڊيڪل رڪارڊ نظام جوڙڻ شامل آهي. منصوبي جي پهرين سال دوران بنيادي سروي جي جاچ ڪئي ويندي. سنڌ پيپلز هيلٿ سينٽرن (ايس پي ايڇ سي) سميت پهرين سال دوران 392 ڊسپينسرين جي بحالي ۽ برانڊنگ شامل آهي. جي ڊي پيز ۾ 1176 ڪميونٽي مڊوائيفز، 130 ليڊيز ميڊيڪل آفيسر شامل آهن جنهن مان هر هڪ پنجن جي ڊيز جي ڪلسٽر ۽ 392 فيملي ويلفيئر ورڪرز (ايف ڊبليو ڊبليو ايس) مقرر ڪيو ويندو. ان کان علاوه مقامي ڪميونٽي جي 3690 هيلٿ ورڪرن کي ڊسپينسرين لاءِ رکيو ويندو. جي ڊي ۾  ٽيلي هيلٿ سهولت لاءِ عورتن جو ڪميونٽي هال، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ مهارت ۾ ترقي جا يونٽ پڻ قائم ڪيا ويندا. سوشل رجسٽري ۽ ميڊيڪل رڪارڊ سسٽم لاءِ سوشل موبلائيزيشن به هوندي. اسڪريننگ، خانداني رٿابنديءَ بابت صلاح مشورو، غذائيت ۽ بچاءُ وارن ٽُڪن جون سهولتون هونديون. منصوبي تحت ماءُ ۽ ٻار لاءِ غذائيت جي خدمت، خانداني رٿابندي لاءِ GD، ڊيليوري سروسز، ANC ، PNC ، PPFP ، حفاظتي ٽُڪن جي سهولت، مربوط هيلٿ ڪيئر سسٽم لاءِ ريفرل، ضلعي ۽ صوبائي سطح تي ماءُ ۽ ٻار جي رجسٽريشن جي لاءِ ميڊيڪل رڪارڊ سسٽم لاءِ آئي ٽي يونٽ جي سهولت شامل آهي. منصوبي جي ٽن حصن ۾ ٻارن جي ابتدائي تعليم، نينگرين لاءِ سکيا ۽ هنر ۾ ترقي وٺرائڻ شامل آهي. سيڪريٽري پي اينڊ ڊي شيرين ناريجو چيو ته مرحل تي 55.9 ملين ڊالر خرچ ايندو جنهن تحت اسڪولن جي بنيادي ڍانچي، اتبدائي ٻارن جي تعليم (اي سي اي) ۾ پختگي، رسائي، اسڪولن جي تياري ۽ تسلسل ۾ سڌاري لاءِ ڪميونٽي کي هٿي وٺرائڻ ۽ اضافو شامل آهي. اسڪول جي تياري لاءِ ماحول کي مربوط بڻائڻ يا ابتدائي تعليم لاءِ ماءُ جي تعاون سان گروپ بڻايا وينددا ۽ استادن جي تربيت پڻ شروع ڪئي ويندي. عورتن ۽ نينگرين جي سماجي تحفظ لاءِ سوشل امپاورمينٽ ۽ بااختيار تي مشتمل ان منصوبي تي 126 ملين ڊالر جي لاڳت ايندي. ان منصوبي تحت سوشل رجسٽري کي ترقي وٺرائي ويندي. سنڌ جي وڏي وزير سوشل سيڪيورٽي پلان جي وضاحت ڪندي چيو ته عورتن ۽ نينگرين کي سماجي طور بااختيار بڻجڻ سان بطور هيلٿ ورڪر مالي خواندگي، مهارت جي ترقي، مائڪرو فنانس ۽ تربيت ذريعي حاصل ٿي سگهندي. هن چيو آهي ته اسلامي ترقياتي بينڪ (آئي ڊي بي) سماجي تحفظ پلان ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي ۽ ان کي ڀاڱي ڀائيواري جي حصي تحت پي سي ون ۾ شامل ڪندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪورونا وائرس ۽ ٻين قدرتي آفتن دوران هيلٿ اينڊ پاپوليشن ورڪرز ۽ ڪميونٽيز کي 93.9 ملين ڊالر مهيا ڪيا ويندا. هن منصوبي تحت ٽيلي هيلٿ سروسز قائم ڪرڻ ۽ ان کي ترقي وٺرائي ويندي. صحت جي تعليم ۽ صفائي، ۽ خانداني رٿابندي لاءِ ڪورونا صورتحال دوران ۽ ان کانپوءِ هڪ نقطه نظر موجب پنهنجو پاڻ جو خيال رکڻ شامل آهن.  ڪورونا / ڊزاسٽر جي اڳڀرائي ۾ فرنٽ لائين ورڪرز کي تربيت ڏني ويندي. اجلاس ۾ ورلڊ بينڪ جي ٽيم هر هڪ ڪمپونينٽ تي بحث ڪيو ۽ باقي دستاويزن ۽ منظوري کي حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن منصوبي کي ايندڙ مالي سال ۾ شروع ڪري سگهجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *