سنڌ حڪومت گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيوڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري صوبائي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته هر ٽئين مهيني گڏيل مفادن واري ڪائونل جو اجلاس گهرائڻ آئيني گهرج آهي. هن چيو ته هر ٽئي مهيني اجلاس نه گهرائڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي. سندس چوڻ هو ته اجلاس سڏائڻ لاءِ سنڌ حڪومت ڪيترائي ڀيرا وفاق کي خط لکيو آهي پر ان باوجود ڪي به قدم نه پيا کنيا وڃن. مراد علي شاهه چيو ته گيس ڊولپمينٽ واري معاملي تي سنڌ کي اعتراض آهن پر ان باوجود وفاق جو نظر انداز ڪري ڇڏڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *