سنڌ حڪومت گهر شماري دوران اڏاوت هيٺ عمارتن تي نمبر لڳائڻ تي اعتراض واري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت گهر شماري دوران اڏاوت هيٺ عمارتن تي نمبر لڳائڻ تي اعتراض واري ڇڏيو آهي. ڪو آپريٽو سوسائٽيز واري صوبائي وزير ڄام اڪرام ڌاريجو چيو آهي ڪراچي ۾ اڏاوت هيٺ عمارتن جو انگ هڪ لک 60 هزار کان وڌيڪ آهي. سندس چوڻ آهي ته آدمشماري دوران اڏاوت هيٺ عمارتن جي داخلا سان گهٽ ۾ گهٽ 10 لک ماڻهن جا غلط نالا درج ٿي سگهن ٿا، جنهن ڪري اڏاوت هيٺ عمارتن تي نمبر لڳائڻ کان روڪڻ لاءِ وفاق کي خط لکڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. وزير اعليٰ جي ترجمان چيو آهي ته اڏاوت هيٺ عمارتن تي نمبر لڳائڻ سان ڪراچي ۾ تڪبندين تي به فرق پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *