سنڌ حڪومت ڪڏهن به ڏوهارين جي سهولتڪار ناهي رهي، گورنر راڄ جوڪو امڪان ناهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اسان هن صوبي کي صاف سرسبز ۽ پرامن بڻائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهيون ته جيئن هي شهر ۽ صوبو هڪ ڀيرو ٻيهر روشنين سان روشن ٿئي ۽ هتان جي معيشيت کي پروان چڙهڻ جو موقعو ملي سگهي. وزيراعليٰ سنڌ کان ڪراچي جي رستن جي مرمت ۽ هتي اسٽريٽ لائٽن سميت ٻين مسئلن جي حل لاءِ خاص گرانٽ جي اپيل ڪئي هئي، جنهن کي هن منظور ڪري ورتو آهي جڏهن ته شهر ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار تيزي سان پکيڙڻ لاءِ سنڌ حڪومت ۽ بلديات کاتو ڏينهن رات ڪوشان آهن. سنڌ حڪومت ڪنهن به دور ۾ ڏوهارين کي ڪنهن قسم جي  سهولت فراهم ناهي ڪئي. اسانجي اڳوڻي پنج سالا دور ۾ جڏهن ايم ڪيو ايم اسان جي اتحادي جماعت هئي ان وقت به اجمل پهاڙي، ڪامران ماڌوري سميت هزارين ڏوهارين کي پڪڙيو ويو هو. سنڌ ۾ گورنر راڄ جي خبرن ۾ ڪابه صداقت نه آهي. آئون نٿو سمجهان ته جڏهن سولين ۽ ملٽري قيادت هڪ پچ تي هجن ته هن ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ٿئي ۽ اهڙي طرح جي اپائن جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ايم ڪيو ايم جي سياسي قيادت سان ڳالهين جو سلسلو اڳ به جاري هو ۽ هاڻ به رهندو ۽ ايم ڪيو ايم جي حڪومت ۾ شموليت جي حوالي سان فيصلو پارٽي جي اعليٰ قيادت کي ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورنگي ۾ ڪاٽي پاران صاف سرسبز سنڌ، پرامن سنڌ مهم تحت وڻڪاري ۽ صفائي مهم ۾ حصو وٺڻ ۽ بعد ۾ ڪاٽي جي مرڪزي آفيس ۾ انهن جي عهديدارن سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ڪمشنر ڪراچي شعيب احمد صديقي، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ثاقب سومرو، ايم ڊي واٽر بورڊ قطب الدين شيخ، ڪاٽي جي صدر راشد احمد صديقي، اڳوڻي صدر زبير ڇايا، گلزار فيروز، فرخ مظهر، ميٽروپوليٽن ڪمشنر ڪراچي مسعود عالم، ڊي سي ڪورنگي آصف ڄام صديقي، ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ روبينه آصف، ايڊمنسٽريٽر ڪورنگي محمد راشد، ايم سي مسرور ميمڻ سميت ٻين اعليٰ آفيسرن ۽ صنعتڪارن جي وڏي تعداد ساڻس گڏ موجود هئي. صوبائي وزير ڪاٽي ٻاهران مين گيٽ تي رستي تي گرين بيلٽ تي وڻڪاري مهم تحت ٻوٽو لڳائي رستي تي ٻوهارو ڏئي مهم ۾ حصو ورتو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن مهم جو مقصد هن شهر ۽ صوبي کي گندگي کان پاڪ ڪري صاف ۽ سٿرو ۽ روشنين جو شهر بڻائڻ آهي. هن چيو ته ڪورنگي جي صنتعڪارن جو ڄام صادق علي پل جي حوالي سان ڪافي سالن کان ان جي مرمت جي حوالي سان جيڪو مطالبو هو ان کي پورو ڪندي ان تي ڪم جي شروعات ڪئي وئي آهي ۽ اهو ڪم ڏينهن رات جاري آهي ۽ انشاءَ الله ايندڙ ٽن مهينن اندر اندر ان پل جي ٻنهي ٽريڪس کي مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته گذريل ڏينهن به اسان ڪراچي جي شهرين کي ٽريفڪ جي عذاب کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي حوالي سان مادر جمهوريت محترمه نصرت ڀٽو انڊر پاس جو سنگ بنياد رکيو آهي ۽ اهو انڊر پاس به چار مهينن اندر اندر مڪمل ڪرايو ويندو. هن چيو ته ڪراچي جا سمورا اهي رستا جيڪي ٽٽي چڪا آهن يا جن رستن تي مرمت جي ضرورت آهي ان لاءِ وڏي وزير سيد قائم شاهه کان خصوصي درخواست ڪئي هئي، جنهن کي هن منظور ڪري ورتو آهي ۽ جلد ئي پوري شهر جا سمورا اهي رستا جيڪي ٽٽل آهن يا انهن تي استرڪاري جي ضرورت آهي ان تي ڪم جي شروعات ڪرايو ويندو ۽ پوري شهر ۾ خراب اسٽريٽ لائٽس کي نيئن سر لڳائڻ جو ڪم به ايندڙ هفتي کان شروع ڪرايو ويندو. هن چيو ته اسان هن شهر کي اوون ڪريون ٿا ۽ هن شهر ۽ صوبي کي مثالي صوبو بنائڻ جو عزم ڪيو آهي ۽ هتان جي عوام کي وسيلا سندن گهر جي چانئٺ تائين پهچائڻ جو واعدو ڪيو آهي، ان کي ضرور پورو ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گذريل ڏينهن صولت مرزا جو اعترافي بيان سنسني خيز، حيران ڪندڙ ۽ المناڪ آهي. هن چيو ته ان بيان تي آئون سنڌ حڪومت پاران اها ڳالهه واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته صولت مرزا سميت ڪنهن به ڏوهاري کي سنڌ حڪومت پاران ڪڏهن سهولت ناهي ڏني وئي، بلڪ اسان جي اڳوڻي 5 سالا دور ۽ هلندڙ عرصي ۾ هڪ ٻه نه پر هزارين دهشتگردن، ٽارگيٽ ڪلرز ۽ ڀتاخورن کي گرفتار ڪري سلاخن پويان موڪليو ويو آهي. هن چيو ته جيلن ۾ انهن ڏوهارين کي جيل جي ننڍي اسٽاف پاران موبائيل فون، ليپ ٽاپ سميت ٻيون سهولتن جي اطلاع تي ڪافي ڀيرا پوليس ۽ رينجرز پاران ڇاپا هنيا ويا ۽ ان کانپوءِ پي پي پي جي دور حڪومت ۾ صولت مرزا ۽ ٻين خطرناڪ جوابدارن کي مڇ ۽ سکر جيلن ۾ منتقل ڪيو ويو. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي دور حڪومت ۾ انهن ڏوهارين جي جيل کان ٻاهر جي نيٽ ورڪ کي ٽوڙڻ لاءِ جيل ۾ جيمرز لڳايا ويا. هن چيو ته مون سمورا مثال دليلن سان گڏ پيش ڪري ڇڏيا آهن ته اسان ڪنهن کي ڪابه سهولت فراهم ناهي ڪئي. سنڌ ۾ گورنر راڄ جي سوال تي هن چيو آئون نٿو سمجهان ته هتي گورنر راڄ لڳندو. هن چيو ته هن وقت وفاقي ۽ صوبائي حڪومت، سول ۽ ملٽري قيادت ۽ سموريون قوتون هڪ پچ تي آهن ته هن صوبي ۽ ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ٿئي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي پي هن صوبي ۽ ملڪ مان ڏوهه ۽ ڏوهارين جي خاتمي لاءِ ڪوشان آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته صوبي ۾ جاري ٽارگيٽڊ آپريشن ۾ پوليس ۽ رينجرز کي وزيراعليٰ سنڌ پاران مڪمل فري هينڊ ڏنو ويو آهي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته ڪي اليڪٽرڪ سميت سنڌ ۾ واپڊا ۽ حيسڪو پاران زيادتين جو سلسلو وڌي رهيو آهي ۽ سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 16 ڪلاڪن تائين غيراعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ، واپڊا ۽ حيسڪو کي خبردار ڪيان ٿو ته هو سنڌ صوبي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪن ٻي صورت ۾ شديد عوامي احتجاج ڪنداسين. صوبائي وزير ڪاٽي جي مرڪزي آفيس ۾ عهديدارن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ پيش ايندڙ مسئلن تي ڪاٽي جي صدر ۽ ٻين عهديدارن ڌيان ڏياريو ۽ علائقي ۾ صفائي سٿرائي ۽ پاڻي جي فراهمي سميت ٻين مسئلن جي نشاندهي ڪئي. صوبائي وزير ان موقعي تي موجود ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، ايم ڊي واٽر بورڊ ۽ لاڳاپيل ڊسٽرڪٽ آفيسرن کي فوري طور تي سمورين شڪايتن جي ازالي جي هدايت ڪئي ۽ ان جي رپورٽ ٽن ڏينهن ۾ پيش ڪرڻ جا حڪم ڏنا. هن ڪاٽي جي صنعتڪارن جي مطالبي تي اتي سول واٽر هائيڊرينٽ ڪاٽي جي زير انتظام کولڻ جو به اعلان ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ ايم ڊي واٽر بورڊ کي ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي ڪاٽي جي عهديدارن پاران ضلعي ايسٽ پاران ملير ندي ۾ ڪچرو اڇلائڻ جي شڪايت تي هن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي فوري طور تي ضلعي ايسٽ جي ميونسپل ڪمشنر منظور عباسي کي معطل ڪرڻ جا به حڪم جاري ڪيا. صوبائي وزير ڪاٽي جي صدر ۽ ٻين عهديدارن پاران گلدستا ۽ سووينئر پيش ڪيا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *