سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ اهم هنڌن اڳيان احتجاج ڪرڻ تي 90 ڏينهن جي پابندي مڙهي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي گهرو کاتي سنڌ اسيمبلي ۽ وڏي وزير هائوس سوڌو ڪراچي جي مختلف هنڌن تي احتجاج ڪرڻ تي 3 مهينن جي پابندي مڙهي ڇڏي.ميڊيا رپورٽ مطابق سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ ريڊزون سوڌو اهم هنڌن اڳيان احتجاج رڪڻ تي 90 ڏينهن جي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي،جنهن جو باقائدي نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.صوبائي حڪومت پاران جن علائقن ۾ احتجاج ڪرڻ کان روڪيوآهي،انهن ۾ سنڌ اسيمبلي بلڊنگ،بلاول هائوس،سنڌ سيڪريٽريٽ،وزيراعليٰ هائوس،ڊاڪٽر ضيا الدين روڊ،فريسڪو چوڪ ۽ پي آئي ڊي سي چوڪ سوڌو ٻيا هنڌ شامل آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول هائوس اڳيان احتجاج ڪرڻ وارن کي قلم نمبر 144 هيٺ گرفتار ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *