سنڌ حڪومت ڪراچي جي مدرسي مان هٿ آيل 26 نينگرين کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت،ڪراچي جي مدرسي مان هٿ آيل 26 نينگرين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. ڪراچيءَ جي علائقي لياقت آباد جي هڪ مدرسي تي پوليس ڇاپو هڻي 26 نينگرين کي بازياب ڪرائي ورتو. پوليس ٻڌايو ته هٿ آيل نينگرين کي ايس ايس پي سينٽرل جي آفيس منتقل ڪيو ويو آهي،جڏهن ته ڪاغذي ڪارروائي بعد کين وارثن حوالي ڪيو ويندو. پوليس ٻڌايو ته مدرسو حميدان نالي هڪ عورت هلائي رهي هئي،جنهن بيان رڪارڊ ڪرائيندي ٻڌايو آهي ته سموريون نينگريون باجوڙ جي غريب ڪٽنبن سان تعلق رکن ٿيون. مدرسي جي معلمه حميده جي بيان موجب نينگرين جي سار سنڀال لاءِ ايوب صديقي نالي شخص رقم ڏيندو هو، پر ڪجهه وقت کان رقم ملڻ جو سلسلو بند ٿيڻ بعد هن سمورين نينگرين کي سندس گهر پهچايو. پوليس پاران ڇاپو هڻي بازياب ڪرايل 26 نينگرين جا وارث به موقعي تي پهتا، جن کي ڏسي نينگريون کين چنبڙي روئينديون رهيون. ٻئي طرف عورتن جي ڀلائي واري صوبائي وزير روبينا قائمخاني لاڳاپيل ٿاڻي تي پهچي معلومات حاصل ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير روبينا قائمخاني چيو ته مدرسي مان هٿ آيل سمورين ڇوڪرين کي سنڌ حڪومت پنهنجي تحويل ۾ ورتو آهي. صوبائي وزير جو چوڻ هو ته هٿ آيل نينگرين جي حفاظت لاءِ آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي وئي آهي. روبينا قائمخاني چيو ته ٻارڙين جي سارسنڀال ۽ حفاظت سندن ذميواري آهي، سندن رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو خرچ عورتن جي ڀلائي وارو کاتو برداشت ڪندو . بيت المال جي چيئرمين پڻ پهچي نينگرين جي معاملي بابت ڄاڻ ورتي ۽ اعلان ڪيو ته هٿ آيل 26 نينگريون وارثن حوالي ٿيڻ تائين سندن سار سنڀال لڌي ويندي. هوڏانهن ايم ڪيو ايم جي ميمبر خواجا اظهارالحق جو چوڻ آهي ته غير قانوني مدرسن جي حوالي سان ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *