سنڌ حڪومت کي لهر نه لوڏو، وفاقي حڪومت پنهنجو خير گهري: مراد علي شاهه

نوابشاهه/خيرپور/ڀٽ شاهه(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت مضبوط آهي، وفاقي حڪومت پنهنجو خير گهري. تفصيل موجب وڏي  وزير سيد مراد علي شاهه نوابشاهه ويجهو ڳوٺ کڏهر پهچي  فصلن تي ٿيل ماڪڙ جي حملي جو جائزو ورتو. ان موقعي تي  ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه  چيو ته وفاقي حڪومت جي اها سوچ ته ٿي سگهي ته سنڌ حڪومت کي ختم ڪيو وڃي پر سندس وس ۾ ائين ناهي ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت عوام جي مينڊيٽ سان آئي آهي ۽ هوءَ  پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي. هن چيو ته آصف علي زرداري جيڪڏهن سينيٽ چيئرمين جو بيان ڏنو آهي ته پوءِ مان ايترو چوندس ته آصف علي زرداري جيڪو چوندو آهي اهو ڪري ڏيکاريندو آهي. هن چيو ته مان سنڌ ۾ رهندڙ غير قانوني رهندڙ افغانين جي رهڻ يا نه رهڻ جي حوالي سان ڪوبه بيان نه ڏنو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت مضبوط آهي وفاقي حڪومت پنهنجو خير گهري. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت کي اين ايف سي ايوارڊ ذريعي مقرر ٿيل رقم کان گهٽ ڏني وئي آهي. هن چيو ته منهنجي گرفتاري جو ڪوبه امڪان ناهي ۽ منهنجي گرفتاري جون خبرون افواهه آهن، هن چيو ته اسان سنڌ ۾ ماڪڙ تي90 سيڪڙو ڪنٽرول ڪري ورتو آهي باقي خيرپور ضلعي جي ڪجھ علائقن ۾ ماڪڙ فصلن کي ضرور نقصان رسايو آهي، هوڏانهن وڏي وزير خيرپور جي ناري تعلقي ۾ ماڪڙ سٽيل علائقي سرائي واحد بخش ويجهو مختلف ڀٽن جو معائنو ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته صوبي جي ٽن ضلعن خيرپور، شهيدبينظيرآباد ۽ مٽياري جي غيرزرعي علائقن تي حملو ڪيو آهي، جنهن کي فصلن وارن علائقن ڏانهن وڌڻ کان اڳ ئي ختم ڪيو ويندو اُن لاءِ سنڌ حڪومت مالي بحران باوجود سڀ وسيلا ڪتب آڻيندي. وزيراعليٰ سنڌ چيو ته ناري تعلقي جي ريگستاني علائقن ۾ ماڪڙ حملو ڪيو آهي جنهن تي گهڻي ڀاڱي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي، وفاقي اداري پلانٽ پروٽيڪشن يونٽ ۽ سنڌ زراعت کاتو توڙي ضلعي انتظاميه پاران ناري تعلقي ۾ ماڪڙ تي ڪنٽرول لاءِ اسپري وارو مرحلو جاري آهي. سيد مراد علي شاهه ميڊيا جي مختلف سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته شهيدذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ ڊزاسٽر کي سامهون رکندي اسپري لاءِ 17 جهاز خريد ڪيا ويا هئا ۽ 70 واري ڏهاڪي ۾ گڏيل عرب اماراتن، قطر ۽ ٻين ملڪن جي به اهڙن حملن جي صورت ۾ مدد ڪئي ويندي هئي، پر بدقسمتيءَ سان وفاق پاران گذريل 30 سالن ۾ ان طرف ڌيان نه ڏنو ويو ۽ هن وقت رُڳو 6 جهاز وڃي بچيا آهن اُنهن مان به هڪ جهاز آپريشنل آهي جيڪو خيرپور اماڻيو ويو پر ڪجهه ڏينهن اسپري بعد خراب ٿي پيو، اهو هاڻ ٺيڪ ٿي ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ ٻيو جهاز به اچي ويندو، ان سان گڏوگڏ سنڌ جو زراعت کاتو پنهنجي وسيلن آهر ماڪڙ تي ڪنٽرول لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ماڪڙ 2-4 سالن کان ايران ۾ هئي جنهن بعد فيبروري 2019ع ۾ بلوچستان ۾ حملو ڪيو جتان هاڻ جون ۾ سنڌ جي خيرپور، شهيدبينظيرآباد ۽ مٽياريءَ ۾ ماڪڙ پهتي آهي ۽ هن وقت تائين ان ڪراپڊ ايريا ۾ محدود ڪيو ويو آهي، ماهر ٻڌائن ٿا ته نومبر تائين مسئلو ٿي سگهي ٿو ڪوشش آهي ته ان کي فصل وارن علائقن ۾ وڃڻ کان روڪيو وڃي ۽ برسات کانپوءِ ماڪڙ جي افزائش ٿي سگهي اُن ڪري بريڊنگ کان اڳ ان کي ختم ڪيو ويندو. هن چيو ته هُن وفاق جي ڊپٽي ڊائريڪٽر پلانٽ پروٽيڪشن يونٽ کي بريفنگ دوران واضح ڪيو آهي ته وفاق جي ماهراڻه ۽ فني مدد جي ضرورت آهي بجيٽ جي پرواهه نه ڪئي وڃي هاڻي ڪجهه پئسا خرچ ڪرڻ سان هڪ وڏي ڊزاسٽر کان بچي سگهجي ٿو. هن چيو ته ڪمشنر سکر ۽ زراعت کاتي کي ماڪڙ تي ڪنٽرول لاءِ گهرجون ٻڌائڻ لاءِ چيو آهي، اسپري لاءِ زرعي دوائون خريدڻ ۽ گاڏين سميت ٻي مشينري هائر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته تر جي ايم پي اي ساجد ٻانڀڻ کي چيو آهي ته هو مقامي آبادگارن ۽ زميندارن کان به ڦوهارا مشينون ۽ ٻيو سامان وٺڻ جي سلسلي ۾ مدد حاصل ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزيرٰ چيو ته ماڪڙ جي حوالي سان ايمرجنسي جي صورتحال ضرور آهي ۽ چيف سيڪريٽري ڪمشنرن سان گڏجاڻي ڪري کين محتاط ڪيو هو ۽ روزانو ماڪڙ جي حوالي سان هر ڪمشنر جي رپورٽ ايندي آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ مهانگائي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته مهانگائي بابت سڄي ملڪ جي ماڻهن ۾ تمام گهڻي بيچيني آهي، ماڻهو چون پيا ته سنڌ حڪومت به ٽيڪس وڌايا آهن پر اسانجو سڄي بجيٽ کولي ڏسو، 99 سيڪڙو ٽيڪس امير ماڻهن تي لڳندا، پهرئين جولاءِ 2018ع تي ڊالر جي قيمت 121 هئي ۽ سال بعد جولاءِ اچڻ کان اڳ ئي 164 رپيا في ڊالر ٿي ويو آهي، ان سان مهانگائي هر طرف وڌي ويندي آهي، وفاقي حڪومت کي درخواست آهي ته اها پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪري. ٻئي پاسي تازن اطلاعن موجب سنڌ جو وڏو وزير سيدمراد علي شاھ ڀٽ شاھ ريسٽ هائوس پهچي ويو آهي. وڏو وزير ڳوٺ دودو جوڻيجو ڀرسان ماڪڙ جي حملي ۾ تباھ ٿيل زرعي فصل جي آبادگارن سان ملاقات ڪندو ۽ تباھ ٿيل فصل جو جائزو وٺندو. ڀٽ شاھ وڏو وزير آخر ۾ شاعرن جي سرتاج حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي مزارتي چادر چاڙهڻ بعد ڪراڇي روانوٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *