سنڌ حڪومت پاڪستان ۾ آيل پرڏيهين جي نيڪالي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ٽنڊو محمد خان(ڊ.ر) سنڌ سرڪار جي اطلاعات کاتي واري صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته آدمشماري هاڻي پوري پاڪستان لاءِ سندس ترقي خوشحالي جي ضمانت بڻيل آهي. جنهن جي ڪري آدمشماري کي اڻٽر ٿيڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب طرفان ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته آدمشماري ذريعي پاڪستان دنيا جي اندر پنهنجي ڳڻپ ذريعي عالمي بين الاقوامي ادارن آڏو پنهنجو اصل انگ اکر ظاهر ڪري سگهي ٿو. پاڪستان جي آبادي دنيا جي ڪيترن ئي آبادي واري علائقن کان وڌي ويئي آهي. پر پاڪستا  جي اندر غيرقانوني آيل پرڏيهين کي هاڻي نيڪالي ڏيارڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته وفاق هلندڙ سال ملڪ جي آدمشماري سان مخلص نظر نه اچي رهي آهي. جنهن جي ڪري آدمشماري جي وفاقي ڪميٽي ۾ صوبن کي برابري جو حق ڏيڻ بجاءِ هڪ صوبي تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي ويئي آهي. پر ان جي باوجود سنڌ صوبي جو باشعور عوام اهو ڪهڙي به مڪتبه فڪر سان تعلق رکڻ جي باوجود آدمشماري ڪرائڻ لاءِ عملي طور تيار آهي. ٽن ڏينهن جي گهر شماري ڪرڻ سان ڪيترائي خدشا پيدا ٿي سگهن ٿا. جنهن جي ڪري سنڌ سرڪار وفاق وٽ پنهنجو مضبوط موقف ٺاهيو آهي. آدمشماري جي پهرين مرحلي گهر شماري کان وٺي مردمشماري تائين ٽنهي صوبن جي رضامندي ۽ خدشن کي ختم ڪرڻ سان آدمشماري جا انگ اکر ۽ نتيجا مثبت حاصل ٿي سگهن ٿا. آدمشماري ۾ غيرقانوني طور آيل پرڏيهين کي ان ۾ شمار نٿو سگهجي. جنهن لاءِ غيرقانوني آيل پرڏيهين جي نيڪالي لاءِ قومي سطح تي وفاق کي سنڌ سرڪار سان گڏجي منصوبابندي لازمي ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي عوام کي ڪيترائي خدشا ٿي پيا آهن. سنڌ جي ساحلي پٽي سان گڏ ريگستاني ٿري علائقن ۾ ٽرانسپورٽ جي رفتار توڙي رستا نه هجڻ ڪري آدمشماري جي گهر شماري ۽ مردمشماري جي مقرر ڏينهن ۾ اضافي ڪرڻ جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌ سرڪار جي منظوري سان ڪراچي ۾ آپريشن هلي رهيو آهي. جنهن جي ڪري آپريشن جي اشو تي ڪو به تضاد پيدا نه ڪيو وڃي نه وري سنڌ سرڪار ان کي اختلافن جو شڪار ڪرڻ چاهي ٿي. پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جو ڏنل بيان بلڪل عوامي امنگن تحت منظر عام تي اچي چڪو آهي. ان کي غلط رنگ ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف جي رٽائرمينٽ جي مقرر وقت تي عهدي ڇڏڻ واري بيان سان دهشتگردن جي حوصلا افزائي ٿي سگهي ٿي. جنهن جي ڪري آصف علي زرداري اهڙي نازڪ موڙ تي ان اشو کي وقت کان اڳ نه ڪرڻ جي قومي صلاح ڏني آهي. پر ڪٿي به مُدي وڌائڻ جي ڳالهه نه ڪئي آهي. هن اهو به چيو ته نيب جي ڪارروائين جو ٽارگيٽ سنڌ صوبي کي بنائڻ جو حدف مقرر نه ڪيو وڃي. نيب کي پوري ملڪ ۾ ڪرپشن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو قانوني حق ملڻ گهرجي. سنڌ کان پوءِ هاڻي جڏهن پنجاب صوبي ۾ نيب جي ڪارروائين جي ڳالهه ٿي آهي ته وفاق ان کي پنهنجو انا جو مسئلو نه بڻائي. احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته لڳي ٿو ته نواز ليگ پاڻ کي هاڻي پوري ملڪ جي پارٽي نه سمجهي رهي آهي. نه وري وزيراعظم کي هڪ صوبي جو وزيراعظم ٿيڻ گهرجي. جمهوريت کي بچائڻ لاءِ اسان وزيراعظم نواز شريف کي بچائڻ لاءِ ڪا به ڳالهه نه ڪئي آهي. جمهوريت هر حالت ۾ هجڻ گهرجي. مسلم ليگي وفاقي وزيرن کي پيپلزپارٽي جي قيادت خلاف الزام تراشي جو سلسلو بند ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪالاباغ ڊئم جو اشو ٽن صوبن رد ڪيو آهي جنهن جي ڪري ان کي ٻيهر زنده نه ڪيو وڃي. وفاق آدمشماري جي مرحلي شروع ٿيڻ کان اڳ پنهنجي وڃايل ساک کي بحال ڪرڻ ۽ آدمشماري ۾ رنڊڪ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪالاباغ جو اشو پيدا ڪيو آهي. نواز شريف جي جڏهن به عوامي ساک متاثر ٿيندي آهي يا وري کيس حڪومت وڃڻ جو خدشو ٿئي ٿو ته هو ڪالاباغ ڊئم جو راڳ پنهنجي وزيرن ۽ اڳواڻن ذريعي الپڻ شروع ڪري ڇڏي ٿو. جنهن لاءِ نواز شريف کي ڪالاباغ ڊئم جي تڪراري منصوبي کان پاسيرو رهڻ گهرجي. ڪالاباغ ڊئم هاڻي ٽن صوبن جي رد ڪرڻ سان گڏ وفاقي قومي مفادن لاءِ ناڪاري منصوبو ٿي ويو آهي. سنڌ حڪومت پنهنجي محدود بجيٽ باوجود صوبي جي عوام جي خدمت ڪري رهي آهي. صوبي ۾ تيزي سان ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن. جنهن ۾ ڪراچي کان وٺي ڪشمور، حيدرآباد ۽ سڄي سنڌ اندر بناڪنهن فرق جي عوامي مفادن تحت اسڪيمون ڏنيون ويون آهن. سنڌ سرڪار جي ايم پي ايز جي فنڊن ذريعي پڻ ترقياتي اسڪيمن ذريعي فنڊ جاري ٿي چڪا آهن. حيدرآباد کان بدين تائين ڊبل روڊ هاءِ ويز تعمير ڪرڻ جي اسڪيم ٺاهي ويئي آهي. جيڪا تمام جلد اسڪيم تي عمل شروع ڪيو ويندو. هن ٽنڊو محمد خان جي روڊن رستن جي زبون حالت تي پڻ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ٽنڊو محمد خان سندس جنم ڀومي وارو علائقو آهي. کيس ننڊپڻ کان وٺي اڄ تائين ٽنڊو محمد خان ۽ حيدرآباد سان سندس وابسطگي رهي آهي. جنهن جي ڪري سندس پيار ۾ ٻئي شهر برابري جي حيثيت رکن ٿا. هن اهو به ٻڌايو ته ٽنڊو محمد خان جي اندر به روڊن رستن جي تعميرات لاءِ اسڪيمن لاءِ سنڌ جي وڏي وزير کي خصوصي گرانٽ جي سفارش ڪئي ويندي. انهيءَ موقعي تي پ پ جي ايم پي اي سيد اعجاز حسين شاهه بخاري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي عوام جي پارٽي آهي. سنڌ حڪومت سنڌ جي مفادن جي خلاف ڪنهن به منصوبي کي قبول نه ڪندي. ڪالاباغ ڊيم ٽن صوبن جو رد ٿيل ملڪ دشمن منصوبو ٿي ويو آهي. آدمشماري شفاف ٿيڻ گهرجي. تقريب کي پ پ جي ضلعي صدر حاجي محمد امين لاکو خطاب ڪندي چيو ته آدمشماري اسان جي عوام لاءِ جياپي جو مسئلو بڻيل آهي. جنهن لاءِ آدمشماري ۾ رڪاوٽون ختم ٿيڻ گهرجن. تقريب کي پريس ڪلب جي صدر غلام نبي ڪيريو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي صحافين هميشه حق ۽ سچ سان پنهنجا صحافتي فرائض انجام ڏنا آهن. تقريب کي يونين آف جنرلسٽ جي صدر شهزاد صبح پوٽو، ٽي وي جنرلسٽ جي صدر عبدالڪريم شيخ ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏهن ته صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيو. پريس ڪلب جي آڊيوٽريم هال لاءِ 15 لک رپيا ۽ اڳ منظور ڪيل 5 لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *