سنڌ حڪومت پاران ٿر جي اسپتالن جي بجيٽ ٻيڻي ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سيد قائم علي شاه ٿر جي اسپتالن جي بجيٽ ٻيڻي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسپتالن جي بجيٽ هڪ ڪروڙ 46 لک رپين مان وڌائي 2 ڪروڙ 92 لک رپيا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ وزير اعليٰ هائوس ۾ ٿر جي صورتحال بابت اجلاس ٿيل اجلاس ۾ ٿر جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي وڏي وزير پاران ٿر جي اسپتالن جي بجيٽ هڪ ڪروڙ 46 لکن مان وڌائي 2 ڪروڙ 92 لک رپيا ڪئي وئي. اجلاس ۾ ٿر جي 6 تعلقي اسپتالن کي هڪ هڪ ايمبولنس ڏيڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٿر جي علائقي اسلام ڪوٽ ۽ ڇاڇرو جي اسپتالن کي اپ گريڊ ڪري انهن کي سڀيئي سهولتون ڏيڻ جي پڻ منظور ڏني وئي . ٿر ۾ خراب پيل 100 آراو پلانٽس کي جنگي بنيادن تي ٺيڪ ڪري هلائڻ جوڳو بڻائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ٿر ۽ ڪوهستان ڊيولپمينٽ اٿارٽيز ۾ قانوني پيچيدگين جو جائزو وٺي فوري طور تي بورڊ تشڪيل ڏنو وڃي. ٻئي پاسي ڏڪاريل ڏيهه ٿر تي هڪڀيرو ٻيهر موت جا لامارا جاري آهن، مٺي اسپتال معصوم ٻارڙن لاءِ مقتل گاهه بڻجي وئي، وڌيڪ هڪ ٻارڙو زندگي جي جنگ هارائي ويو، 7 ڏينهن ۾ 17 مائرن جون هنجون اُجڙي ويون آهن. ٿرپارڪر ضلعي ۾ معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، سول اسپتال ۾ سَوائي ميگھواڙ جو 3 ڏينهن جو نينگر فوت ٿي ويو آهي. 7 ڏينهن ۾ مختلف بيمارين سبب فوت ٿيل ٻارڙن جو تعداد 17 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪيترائي ٻارڙا بيمارين جو شڪار آهن. هن وقت تائين جيڪي ٻارڙا فوت ٿيا آهن، اهي گيسٽرو، نمونيا ۽ غذائي کوٽ جو شڪار هئا. سول اسپتال مٺي سميت تعلقه ڏيپلو، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر، ڇاڇرو ۽ ٻين اسپتالن ۾ گذريل 5 مهينن کان دوائن جي شديد کوٽ آهي، اسپتالن ۾ دوائون موجود نه هئڻ ڪري مسڪين ماروئڙا پرائيويٽ اسٽورن تان خريد ڪري رهيا آهن. ٿرپارڪر ضلعي جي اسپتالن ۾ 70 کان وڌيڪ ٻارڙا اعلاج هيٺ آهن، انتظاميا لاپرواهي سبب ٻارڙا فوت ٿيڻ جو سلسلو رُڪجي ناهي سگهيو. حڪومتي دعوائن جا پول پڌرا ٿي ويا آهن، خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين مسڪين ماروئڙن کي بي حال ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *