سنڌ حڪومت پاران نيپرا کي بجلي اگهن ۾ گهٽتائي ۽ ڊٽيڪشن بلن جي روڪٿام جي اپيل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيپرا عملدارن کي بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي، غريب صارفين لاءِ هڪ جامع پيڪيج جو اعلان ڪرڻ، ڊٽيڪشن بلن جي جاري ٿيڻ کي بند جي اپيل ڪئي آهي ۽ بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) کي پابند ڪيو ته ڪجهه صارفن جي ادائيگي نه ڪرڻ سان سڄي علائقي جي بجلي کي بند نه ڪيو وڃي. هن اها ڳالهه نيپرا جي چيئرمين توصيف حسين جي اڳواڻي ۾ نيپرا وفد سان ڳالهائيندي چئي. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ سنڌ جو ميمبر رفيق شيخ، بلوچستان جو ميمبر رحمت الله بلوچ ۽ خيبر پختونخوا جو ميمبر بهادر شاهه شامل هئا جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير جي معاونت وزير توانائي امتياز شيخ ۽ سنڌ جي وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته نيپرا فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 1.53 ڪروڙ رپين جو واڌ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته بجلي جا اگهه اڳواٽ ئي غريب صارفين لاءِ برداشت جوڳا نه هئا ۽ ان ۾ وڌيڪ واڌارو نه رڳو صارفين تي اضافي ٻوجهه وجهندو پر ان کي بجلي چوري ڪرڻ تي پڻ مجبور ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته بجلي جي اگهن کي غير معقول بڻائڻ سان بجلي جي چوري جو مسئلو حل ڪري سگهجي ٿو. چيئرمين نيپرا، وڏي وزير سان اتفاق ڪندي چيو ته ٽيرف سستا هئڻ گهرجي ۽ ٽيرف ۾ 1.53 روپين جو نئون اضافو رڳو هڪ مهيني لاءِ آهي. سنڌ جي وڏي وزير هڪ ٻيو مسئلو اٿاريو ته حيسڪو ۽ سيپڪو پاران ڊٽيڪشن جا بل جاري ڪيا ويا آهن ۽ اسان بلن جي ادائيگي لاءِ ماڻهن کي پنندي به ڏٺو آهي ۽ هيءَ ناانصافي رڳو سنڌ ۾ ٿي آهي. چيئرمين نيپرا وڏي وزير کي خاطري ڪرائي ته هوءَ ذاتي طور تي مسئلي کي حل ڪندو. هن ڄاڻايل معاملي تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ نيپرا سنڌ جي ميمبر رفيق شيخ کي نامزد ڪيو. مراد علي شاهه صوبي ۾ وڌندڙ لوڊشيڊنگ جو مسئلو پڻ اٿاريو. هن چيو ته وڌندڙ لوڊشيڊنگ ڪنهن به وقت امن ۽ امان جي صورتحال جو سبب بڻجي سگهي ٿي تنهنڪري لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻ لاءِ لازمي قدم کنيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته گرميون اچن پيون تنهنڪري وقت سِر لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي اليڪٽرڪ ۽ ٻيا ڊي ايس سي اوز، حيسڪو ۽ سيپڪو گهٽ بلنگ وارن علائقن کي بجلي جي فراهمي بند ڪن.  اها پاليسي انهن صارفن لاءِ عذاب آهي جيڪي وقت تي پنهنجو بل ادا ڪندا آهن ۽ ان کي ضرور روڪيو وڃي. چيئرمين نيپرا، وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته هن اڳواٽ ئي ڊي ايس سي اوز کي پاليسي روڪڻ جي هدايت ڪئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير، توانائي وارو وزير ۽ چيئرمين نيپرا پاران پڻ سنڌ ۾ بجلي جي قابل تجديد رٿائن جي ٽيرف معاملي تي غور ويچار ڪيو ۽ ڪچري مان توانائي منصوبن جا ٽيرف تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي وڏي وزير دورو ڪندڙ وفد کي شيلڊون، اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپيون پيش ڪيون ۽ سندس پاليسي کي صوبائي حڪومتن سان هم آهنگي پيدا ڪرڻ تي ساراهيو. چيئرمين نيپرا، وڏي وزير کي نيپرا جي شيلڊ پڻ پيش ڪئي ۽ هدايتن تي ٻڌل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *