سنڌ حڪومت پاران محرم کانپوءِ پوليو متاثر علائقن ۾ ڪريش پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت محرم کانپوءِ متاثر 11 يوسيز ۾ ڪريش پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي زير سيد قائم علي شاهه جي صدارت ۾ پوليو بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ صحت کاتي، صحت جي عالمي اداري يونيسيف ۽ ٻين نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته محرم کانپوءِ پوليو جي متاثر 11 يونين ڪونسلز ۾ پوليو بابت ڪريش پروگرم شروع ڪيو ويندو جڏهن ته ڪراچي ۾ سيڪيورٽي خدشن سبب پوليو ٽيمن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ پوليس فورس قائم ڪرڻ جو به فيصلو ويو آهي جيڪا ايس ايس پي جي سربراهي ۾ 700 اهڪارن تي ٻڌل هوندي. اجلاس ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي پوليو وائرس کي دهشتگردي جي برابر خطرناڪ سمجهي ٿي ۽ اُن جي خاتمي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *