سنڌ حڪومت پاران عادي ڏوھارين جي اي-ٽيگنگ متعارف ڪرائڻ جي منظوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ عادي ڏوھارين جي اي-ٽيگنگ متعارف ڪرائڻ لاءِ پوليس پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي جنھن لاءِ پھرين مرحلي ۾ اي-ٽينگنگ لاءِ 7500 ڏوھارين جي نشاندھي ڪئي وئي آھي. اھو فيصلو اربع ڏينھن وزيراعليٰ ھائوس ۾اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سيد ممتاز شاھھ، قانون وارو صلاحڪار مرتضيٰ وھاب، آءِ جي پوليس مشتاق مھر، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري محمد فياض جتوئي، گھرو سيڪريٽري سعيد منڱڻيجو، ڊي آءِ جيز شرجيل کرل، ناصر آفتاب ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو تھ اسٽريٽ ڪرائم خلاف سندس گذريل اجلاس ۾ پوليس کي وسيع پئماني تي گشت شروع ڪرڻ ۽ اسٽريٽ ڪرائمز خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي ھدايت ڪئي ھئي. ھن اھو پڻ چيو تھ سندس پوليس ۽ انتظاميا کي ھدايت ڪئي آھي تھ اھي روڊن ۽ اھڙي طرح جي ٻين ھنڌن تان منشيات جي عادي ماڻھن کي ھٽائڻ شروع ڪيو وڃي. تنھن تي ايڊيشنل آءِ جي پوليس ٻڌايو تھ جنوريءَ کان 28 فيبروري تائين اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف 143 مقابلا ڪيا ويا جن ۾ 15 ڏوھاري مارجي ويا ۽ 147 زخمي ٿيا. ھن وڌيڪ چيو تھ 1446 ڏوھارين کي گرفتار ڪيو ويو آھي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو تھ شھر ۾ گشت کي وڌايو ويو آھي ۽ انٽيليجنس جي بنياد تي ٽارگيٽڊ آپريشن پڻ شروع ڪيا ويا آھن. جيتري تائين عادي ڏوھارين جي اي-ٽيگنگ جو تعلق آھي، آءِ جي پوليس انڪشاف ڪيو تھ 7500 ڏوھارين جي نشاندھي ڪئي وئي آھي جيڪي يا تھ ضمانت تي آھن يا واري مفرور آھن. قانون واري صلاحڪار مرتضيٰ وھاب چيو تھ عادي ڏوھارين کي اي-ٽيگنگ واري قانون جو مسودو تيار ڪري معائني لاءِ موڪليو آھي. وڏي وزير عادي ڏوھارين جي اي-ٽيگنگ واري تجويز جي باضابطي طور منظوري ڏني ۽ سندس قانون واري صلاحڪار کي ھدايت ڪئي تھ ھُو ڪم کي تيز ڪري تھ جيئن ڪابينا ۾ ان تي بحث ۽ منظوري ڏئي سگھجي. منشيات جي عادي ماڻھن جي بحالي مرڪز کي قائم ڪرڻ جي اڳڀرائي بابت ٻڌائيندي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز شاھھ چيو تھ سندس گلشن معمار ۾ ھڪ مناسب جاءِ جي نشاندھي ڪئي آھي جتي منشيات جي عادي ماڻھن جي بحالي مرڪز بڻايو ويندو. ان تي وڏي وزير چيف سيڪريٽريءَ کي ھدايت ڪئي تھ ڄاڻايل سينٽر ۾ سموريون لاڳاپل سھولتون فراھم ڪيون وڃن تھ جيئن پوليس روڊن تان منشيات جي عادي ماڻھن کي پڪڙي بحاليءَ لاءِ اتي موڪلي سگھي. ھن چيو تھ منشيات جي عادي ماڻھن جيڪي اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث آھن انھن کي روڊن تان ھٽآئڻ سڀ کان وڌيڪ ضروري آھي. عادي ڏوھارين جون ضمانتون در ۽ پراسيڪيوشن کي مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان ڳالھائيندي سيد مراد علي شاھھ قانون واري صلاحڪار ۽ آءِ جي پوليس کي ھدايت ڪئي تھ ناميارن وڪيلن تي ٻڌل پينل کي شامل ڪيو وڃي تھ جيئن اھي ڏوھارين خلاف قانوني ڪارروائي ۽ انھن جون ضمانتون رد ڪرڻ لاءِ ڪم ڪن. وڏي وزير پوليس کي ھاءِ پروفائيل ڪيسن ۾ قابل خانگي وڪيلن ذريعي پراسيڪيوشن جو بندوبست ڪرڻ جي پڻ ھدايت ڪئي. ھن چيو تھ مان ھڪ وڏي انگ ۾ وڪيلن کي ھڪ پينل ۾ رکڻ چاھيان ٿو ۽ ڪيس جي شڪايت ڪندڙ وٽ اھو اختيار ھوندو تھ اھي سندن ڪيس جي ڪارروائيءَ لاءِ ان پينل مان ڪنھن بھ وڪيل جي چونڊ ڪري.، ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ 1.4 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي خريداري شروع ڪرڻ لاءِ 5.6 ارب رپين فوري طور تي جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنھن لاءِ ٽن ڊويزنن شھيد بينظيرآباد، ميرپورخاص ۽ حيدرآباد ۾ جتي شروعاتي فصل جي ڪٽائي ٿي رھي آھي اتي باردانو پڻ ورھائڻ شروع ڪيو ويو آھي. ھن اھو فيصلو اربع ڏينھن سال 22-2021 لاءِ ڪڻڪ جي خريداري واري ھدف تي اڳڀرائي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ممتاز شاھھ، پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، ناڻي وارو سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو. خوراڪ وارو سيڪريٽري راجا خرم شھزاد، زراعت وارو سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپل آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي خوراڪ واري سيڪريٽري چيو تھ حڪومت 2200 رپيا في 40 ڪلو گرام واري امدادي اگھھ تي 1.4 ايم ايم ٽي خريداريءَ جو ھدف مقرر ڪيو آھي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو تھ ھدف مطابق سکر ڊويزن کان 341110 ميٽرڪ ٽن، شھيد بينظير آباد مان 379230 ميٽرڪ ٽن، لاڙڪاڻي مان 380270 ميٽرڪ ٽن، ميرپور خاص مان 58240 ميٽرڪ ٽن، حيدرآباد مان 241150 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي ويندي جتي 167 خريداري مرڪز قائم ڪيا ويا آھن. خوراڪ کاتي سانگھڙ مان 100000 ٽن، ميرپورخاص ڊويزن مان 58240 ٽن ۽ حيدرآباد ڊويزن مان 241150 ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ لاءِ بارداني کي ورھائڻ شروع ڪيو آھي. سيڪريٽري خوراڪ چيو تھ سندس کاتي کي فوري طور تي 5.6 بلين رپين جي گھرج آھي تھ جيئن آبادگارن کي ادائيگي ڪري سگھجي. ان تي وڏي وزير ناڻي واري سيڪريٽريءَ ساجد جمال اڙو کي ھدايت ڪئي تھ ھُو اڄ شام تائين 5.6 ارب رپيا جاري ڪرڻ لاءِ ايڊوانس جاري ڪري. ھن ناڻي واري سيڪريٽريءَ کي آبادگارن لاءِ اي ٽي ايم بوٿ قائم ڪڻ جي پڻ ھدايت ڪئي تھ جيئن اھي سندن فصلن جي ادائيگي کي انھيءَ وقت ۽ اتان ڪيش ڪري سگھن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *