سنڌ حڪومت ٽيڪنالاجي پارڪ قائم ۽ ماربل سٽي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي لاءِ ٻن وڏن صنعتي ۽ ڪاروباري منصوبن اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ جديد قسم جو ٽيڪنالاجي پارڪ قائم ڪرڻ ۽ نادرن باءِ پاس تي ماربل سٽي منصوبي کي سرڪاري، خانگي پارٽنرشپ تحت هلائڻ جي منظوري ڏني، گذريل ڏينهن وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪوٺايل پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي اجلاس ۾ منظوري ڏني وئي ۽ سيڙپڪاري سنڌ جي کاتي کي هي ٻئي منصوبا جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، اسپيشل اڪنامڪ زون ايڪٽ 2012 تحت هي ٻئي منصوبا اسپيشل اڪنامڪ زون مقام رکڻندڙ هوندا، جيتوڻڪ انهن ٻنهي منصوبن ۾ سرمائيڪاري ڪندڙن کي انڪم ٽيڪس ۽ مشينري ٻاهران گهرائڻ تي ڪسٽم ۾ 10 سالن تائين ڇوٽ ملندي، پاڪستان ۾ تيزي سان ترقي ڪندڙ آءِ ٽي انڊسٽري گذريل سال هڪ ارب ڊالر جو ناڻو ڪمايو، جيتوڻڪ آءِ ٽي ۽ اليڪٽرانڪ سان لاڳاپيل شاگردن، استادن، پروفيشنلز ۽ ماهرن کي انڊسٽري ۾ فائديمند موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت اين اي ڊي يونيورسٽي سان گڏجي يونيورسٽي ڪيمپس ۾ 12 ارب رپين جي لاڳت سان 20 ماڙ ٽيڪنالاجي زون جي عمارت تعمير ڪندي جيڪا 2021 ۾ مڪمل ٿيندي ۽ آءِ ٽي سان لاڳاپيل سمورن سرمايو لڳائيندڙن کي 30 سيڪڙو گهٽ ڪرائي تي مڪمل لاجسٽڪس سپورٽس سان آفيسون ڏنيون وينديون، ڪراچي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ٻئي صنعي منصوبي نادرن باءِ پاس تي 3 سئو ايڪڙ زمين جي ڪراچي ماربل سٽي ۾ ماربل، گري نائيٽ، سنگ مرمر ۽ ٻين پٿرن جي ويليو ايڊيشن ڪندڙ صنعتن کي هٿي وٺرائڻ ۽ پٿر کي ويليو ايڊيشن ڪرڻ کانپوءِ وڪرو ڪرڻ لاءِ رٿابندي ڪئي وئي آهي جنهن سان هن صنعت کي هٿي ملندي روزگار جا موقعا وڌندا ۽ سيڙپڪار ناڻو ڪمائي سگهندا، ماربل سٽي سان لاڳاپيل وڌيڪ 2 سئو ايڪڙ زمين، اڏاوت سان لاڳاپيل صنعتن لاءِ مخصوص ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، هن زون ۾ سيمينٽ سريو، ڪاٺ، فنگز ۽ ٻين اڏاوتي شين جا ڪارخانا لڳايا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *