سنڌ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ۾ ٻٽو نظام لاڳو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر ٻهراڙي ۽ شهري علائقن لاءِ ٻٽو نظام لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. هڪ ڀيرو ٻيgovt of sindh logo copyهر مڪاني کاتن ۾ ٻٽو نظام لاڳو ڪيو ويو آهي. هڪ انگريزي اخبار جي رپورٽ موجب ٻٽي نظام سان سنڌ جي ٻهراڙي جي علائقن  بيوروڪريٽڪ ڪنٽرول ۾ اضافو ٿيو آهي. اربع ڏينهن وزيراعليٰ هاوس ۾ هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪيل فيصلن موجب ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي کي ڇڏي ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنرن جي انتظامي ۽ ماليڪنٽرول تحت رکيو ويو آهي. جڏهن ته ٻهراڙي جي بلدياتي معاملا انهيءَ فيصلي سان متاثر نه ٿيندا جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ڪمشنر ڪراچي شعيب احمد صديقي ٻٽي نظام جي تصديق ڪندي چيو آهي ته حڪومت مالياتي نظم ۽ ضبط برقرار رکڻ ۽ مشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي ڪنٽرولنگ اٿارٽي ڏيڻ لاءِ ضلعي ڪونسلن، ميونسپل ڪميٽين، ٽائون ڪميٽين ۽ مرڪزي ڪميٽين ۾ ترقياتي فنڊن جي شفاف استعمال کي يقيني بڻائڻ لاءِ اُهو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪابه ضلع ڪونسل ۽ ميونسپل ڪميٽي انهيءَ فيصلي سان متاثر نه ٿيندي ڇو ته اُهو فيصلو ڪراچي ۾ لاڳو نه ڪيو ويندو. هن چيو ته ”هي هڪ مائنس ون فارمولو آهي“ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) ايڊمنسٽريٽر رئوف فاروقي چيو آهي ته ڪراچي کي سندس پراڻي پوزيشن تي برقرار رکيو ويندو. اسين ايڊمنسٽريٽر انهيءَ نظام کي هلائينداسين بيوروڪريسي نه هلائيندي.  ضلعي جا ڊپٽي ڪمشنر ضلعي جي سمورن تائونن جا ڪنٽرولنگ اٿارٽي ٿي ويندا جڏهن ته اربع ڏينهن ڪيل فيصلي جي بنياد تي اسسٽنٽ ڪمشنر، تعلقن ۽ سب ڊويزن ۽ ٽائون ڪميٽين جا انتظامي معاملا هلائيندو. انهيءَ کانسواءِ ترقياتي ڪمن لاءِ انهن بيوروڪريٽس کي آڊٽ ۽ انتظامن معاملن لاءِ ٻيهر ذميوار بڻايو ويو آهي. جڏهن ته انهن آفيسرن جي ڪارڪردگي جي نگراني ۽ چيف سيڪريٽري کي رپورٽ ڪري سگهندا. وڏي وزير جي ترجمان موجب اُهو فيصلو لاڳاپيل آڦيسن جي اڪائونٽن ۾ وڏي پيماني تي گهوٻين کانپوءِ ڪيو ويو آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر ٻٽي نظام کي ردڪري ڇڏيو آهي. مخالف ڌر جو چوڻ هو ته اُهو فيصلو انتظامي يونٽن ۾ سنڌ کي ورهائڻ جي هڪ ڪوشش آهي. ڇو ته اُهي هڪ نظام لاڳو نٿا ڪري سگهن. فنڪشنل ليگ جي پارليماني اڳواڻ نندڪمار  چيو ته اسين سمورن پليٽ فارمن تي انهيءَ جي مخالفت ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ماضي ۾ شهري ۽ ٻهراڙي جي جي علائقن ۾ اُهو نظام لاڳو ڪيو جنهن کي عوام رد ڪري ڇڏيو هو  ٻٽي نظام خلاف وڏي تحريڪ کانپوءِ حڪومت پنهنجو فيصلو واپس ورتو هو. هڪ ڀيروٻيهر ٻٽي نظام خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو. مسلم ليگ نواز جي ايم پي اي شفيع ڄاموٽ چيو آهي ته پارٽي اڳواڻن سان مشاورت کانپوءِ پنهنجو لائحه عمل واضح ڪنداسين.  جڏهن ته متحده قومي موومينٽ پاران انهيءَ معاملي تي ڪوبه ردعمل نه ڏنو آهي. خالد مقبول صديقي چيو آهي ته اسان اڃا تائين انهيءَ معاملي کي ناهي ٻڌو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *