سنڌ حڪومت نيلوفر طوفان کي نظر ۾ رکندي هاءِ الرٽ جاري ڪري ڇڏي آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت نيلوفر نالي متوقع سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي سمورا اڳواٽ انتظام ڪري ورتا آهن. لاڳاپيل ادارن جي عملي جون موڪلون به رد ڪيون ويون آهن. جڏهن ته ڪراچي سميت پوري سنڌ جي سامونڊي علائقن ۾ هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. اڱاري تي سنڌ اسيمبلي ۾ بيان ڏيندي شرجيل ميمڻ چيو ته نيلوفر نالي سامونڊي طوفان جي حوالي سان وزيراعليٰ سنڌ سمورن لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن جو اجلاس به منعقد ڪيو آهي. سمورن ادارن کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪراچي، ٺٽو، بدين کان ننگرپارڪر تائين انتظاميه کي الرٽ ڪري ڇڏيو آهي. لاڳاپيل ادارن جيعملي جون موڪلون به رد ڪيون ويون آهن. شرجيل انعام ميمڻ ايوان کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت موسميات کاتي سان مڪمل رابطي ۾ آهي. هن چيو ته سمنڊ ۾ ويندڙ سمورن مهاڻن کي به طوفان جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ ميري ٽائيم سڪيورٽي ايجنسي جي معرفت سمنڊ ۾ موجود مهاڻن کي وائرليس ۽ ريڊيو ميسيج ذريعي ڪنارن تي اچڻ جا اعلان به ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته ڪراچي ۾ ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي به سمورن لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *