سنڌ حڪومت ميڊيا جي آزادي ۾ يقين رکي ٿي: مولابخش چانڊيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): وزير اعليٰ سنڌ جي اطلاعات بابت صلاحڪار مولا بخش چانديو ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته وڊيو جنرلٽس جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين ۽ ان مقصد لاءِ اطلاعات کاتي ۾ هڪ پريس سينٽر قائم ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي سيشن جي دوران وڊيو جنرلٽس سان ملاقات جي دوران ڪيو. هن چيو ته رپورٽن جا مسئلا ته حل ٿي ويندا آهن پر ڪيمرا جي پٺيان ۽ فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ صحافتي معاون عملي جا مسئلا حل ناهين ٿيندا ان ڪري اسان انهن  جي مسئلان جي حل لاءِ موثر اُپاءَ وٺنداسين. اطلاعات بابت صلاحڪار چيو ته صحافين ۽ صحافتي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ٻئي عملي لاءِ مهنجي آفيس جا در هميشه کليل رهندا ته جيئن صحافين ۽ صحافتي عملي کي درپيش مسئلن جي خاتمي لاءِ اُپاءَ ورتا وڃن. مولا بخش چانڊيو چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ۽ منهنجي پارٽي جي قيادت پاران به مون کي ميڊيا ورڪرز لاءِ بهتر طريقي سان ڪم ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. صلاحڪار چيو ته هو جلد ئي وڊيو جنرلٽس جي اعزاز ۾ ماجھاندو ڏيندو ۽ انهن سان ملاقات ڪري انهن جا مسئلا حل ڪيا ويندا. هن چيو ته سنڌ حڪومت ميڊيا ۽ ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي ۽ وزير اعليٰ  سنڌ ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهن جي مسئلن جي حل ۾ خاص دلچسپي رکي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *