سنڌ حڪومت مرزا خاندان جي سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي

بدين (ڊ ر) پيپلزپارٽي پاران باضابطا طور تي لاتعلقي ظاهر ڪرڻ جي اڳئين ڏينهن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي فارم هائوس ۽ بدين ضلعي ۾ ان جي خانداني پراپرٽي تي مقرر پوليس فورس هٽائي ويئي پوليس ذريعن ٻڌايو ته بدين ۾ مرزا ۽ سندس زال اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر فهميده مرزا جي زمينن تان پوليس هٽائڻ جو حڪم صوبائي حڪومت جي وڏڙن ڏنو ذريعن ٻڌايو ته خادان ٽائون جي ويجهو مرزا خاندان جي فارم ۽ ان سان لاڳاپيل شگرمل بدين ۾ مور جهاڙ ۽ ٻين علائقن ۾ موجود پراپرٽي تي سيڪيورٽي مقرر ڪئي ويئي هئي جڏهن ته هاڻي اتي مقرر پوليس اهلڪارن کي جلد بدين ايس ايس پي دفتر رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو پاڪستان جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ماضي ۾ بلڪل ويجهو رهندڙ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي ڪجهه ڏينهن اڳ پارٽي قيادت خلاف مختلف ٽي وي چينلن تي جارحاڻا بيان ڏيڻ تي پ پ پ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل مان معطل ڪيو ويو هڪ سينيئر پوليس آفيسر نالو نه ظاهر ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته مرزا خاندان کي مليل غير ضروري پروٽوڪول واپس ورتو ويو هن وضاحت ڪئي ته قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر فهيمده مرزا ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر حسنين مرزا کي قانون مطابق پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽي ملندي رهندي بدين ايس ايس پي خالد مصطفيٰ رابطو ڪرڻ تي ڪجهه پوليس اهلڪارن کي دفتر رپورٽ ڪرڻ جا حڪم ڏيڻ جي تصديق ڪئي سندس موقف هو ته هي پوليس اهلڪار ضلعي ۾ ڪجهه غير ضروري هنڌن ۽ چيڪ پوسٽن تي مقرر هئا ٻئي پاسي ڊاڪٽر مرزا جي ٻين ساٿين پوليس اهلڪارن کي واپس گهرائڻ تي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي ان کي انتقامي ڪارروائي ڪوٺيو ٽنڊوباگو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي انهن الزام مڙهيو ته صوبائي حڪومت ڊاڪٽر مرزا کي ڪرپشن ۽ نااهل پ پ پ وزيرن جي خلاف آواز اٿارڻ تي سزا ملي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *